ٽنڊوالهيار(حسرت لغاري) قومي عوامي تحريڪ پاران سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف شھيد فاضل راهو چوڪ کان قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ ھزارين ماڻهن پيادل مارچ ڪيو جلسي کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو ته ھڪ نه، ٻه نوٽيفڪيشن کپن. سنڌ حڪومت ڪارپوريٽ فارمنگ رد ڪري زمينن جي واپسي جو ۽ وفاق پاران ڪينالن جي خاتمي جو اعلان ڪري. وزير اعظم ميڊيا تي اچي ڪئنال منصوبو ختم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن پڙهي ٻڌائي،هن چيو ته سنڌ حڪومت هر ضلعي ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي م هزارين ايڪڙ زمين ڏئي ڇڏي آ، اها واپس ڪئي وڃي ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڪئنالن جي مستقل خاتمي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي. پيپلز پارٽي سنڌ جون زمينون، درياھ ۽ وسيلا وڪڻي 7 ڪروڙ عوام کي دوکو ڏئي رھي آھي. ايوان صدر سنڌو درياھ ۽ زمينن تي حملي آور ٿيو آھي،عوام کان معافي ورتي وڃي. هن چيو ته سنڌ ۾ ايم آر ڊي تحريڪ کان وڏي سجاڳي آھي، سنڌ جا ماڻھو پيپلز پارٽي مان سخت بيزار آھن. وزير سرڪاري پروٽوڪول ڇڏي ڪنھن به شھر ۾ ھلي نٿا سگھن،هن چيو ته شھباز شريف ۽ بلاول ڀٽو سنڌ جي عوام کي دوکو نٿا ڏئي سگھن. جيستائين سنڌ دشمن منصوبا رد نه ٿيندا، ان وقت تائين احتجاج جاري رھندو. سنڌين جي ڪاوڙ ڏسي وزير ۽ چونڊيل نمائندا ڊڄي ويا آهن