خيرپور(رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو) ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي ڌرڻي ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان سنڌين جي اچڻ جو سلسلو جاري جڏھن ته ٽنڊو الھيار جي پ پ اڳواڻ ۽ ضلعي ڪائونسل جي ميمبر استعيفا ڏئي ڇڏي ڇنڇر جي ڏينهن ٽنڊوالھيار کان آيل پيپلزپارٽي جي اڳواڻ ۽ ضلعي ڪائونسل ٽنڊو الهيار جي ميمبر جي ايم پتافي اسٽيج تي تقرير ڪندي اعلان ڪيو ته مان پاڪستان پيپلزپارٽي ضلع ڪائونسل ٽنڊو الهيار جو ميمبر جي ايم پتافي آھيان اڄ مان ٻٻرلو ۾ پهچي عامر نواز وڙائچ سان گڏ بيھڻ جو وچن ڪندي ضلع ڪونسل سميت پارٽي جي بنيادي ميمبرشپ تان استعيفا ڏئي ڇڏي آهي مان ھن سنڌ ڌرتي جو پٽ آھيان جنھن ڪري مان قومي فرض سمجھو ته استعيفيٰ ڏيان جيڪا پارٽي پنھنجي سنڌ سان گڏ بيھڻ بجاءِ وفاق سان گڏ بيٺل آهي ۽ اقتدار جي حوس جي ڪري وفاق کان ڌار ڪونه پئي ٿئي ان مان سنڌين کي ڪھڙو فائدو رسندو،هن چيو ته اڄ کان پيپلز پارٽي نه پر سنڌ ۽ وڪيلن سان گڏ بيهندس،اسان جا سياسي وڏيرا،جاگيردار سنڌ جو مڪمل سودو ڪري چڪا آهن،هن چيو ته مون کي اهڙي ميمبري نه کپي جيڪا اسان سنڌ واسين ۽ انهن جي ٻچڙن سان غداري ڪري،اسان عامر وڙائچ،سنڌ جي وارثن سان گڏ آهيون،بعد ۾ هن” وفاق تو سان جهيڙو آ“ جا نعرا هڻايا