خيرپور (رپورٽ: عبدالمتين مهر) ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ، کيس پارايل سونو تاج هارون شاھ حوالي ڪري ڇڏيو. عامر نواز چيو ته هارون شاھ بي لوث عوامي خدمت لاءِ پنهنجي گهر واري جا زيور به وڪڻي ڇڏيا، ان ڪري سوني تاج جو حقيقي حقدار هو آهي. اسان جي ڀيڻ جا زيور هارون شاهه عوام جي فائدي لاءِ قربان ڪيا، تاج پنهنجي ان ڀيڻ کي ارپي رهيو آهيان. هارون شاهه ماڻهن لاءِ نيرن، ماني ۽ ٻين گهرجن جي پنهنجي وسيلن مان فراهمي ڪندو رهيو آهي. عامر نواز کيس تاج پارائيندڙ شخص جي به ساراهه ڪئي ۽ چيو ته سماج کي اهڙن ماڻهن جي ضرورت آهي.