سون جي قيمت ۾ لاٿ، في تولو 3 لک 48 هزار رپين جو ٿي ويو

ڪراچي(رپورٽر)گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ سون جي قيمت ۾ تيزي سان واڌ کان پوءِ اڄ سون جي قيمت ۾ گهٽتائي آئي آهي،پاڪستان صرافه جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب في تولو سون جي قيمت 3,300 رپيا گهٽجي 3 لک 48 هزار 700 رپيا ٿي وئي آهي،ايسوسيئيشن موجب، 10 گرام سون جي قيمت 2,833 رپيا گهٽجي 2 لک 98 هزار 950 رپيا ٿي وئي آهي،ٻئي طرف عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت به 33 ڊالر گهٽجي 3,305 ڊالر في اونس ٿي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.