اسلام آباد (اسد طور) چار جنرلن پاران عمران خان سان ملاقات ڪرائڻ لاءِ درخواست ڏني وئي آهي، انهن اي ٽي سي جي جج امجد شاهه اڳيان پنهنجي درخواست پيش ڪئي آهي.هنن احسن اياز وڪيل معرفت درخواست ڏني آهي. هنن لکيو آهي ته اهم قومي معاملن تي هو عمران خان سان ملاقات ڪري ڳالهه ڪرڻ گهرن ٿا اهو تمام ضوري آهي. سندن بقول هنن جو عمران خان سان پراڻو ناتو آهي. مون کي نه ٿو لڳي ته اهو اسٽبلشمنٽ جي مرضي بنا ٿيو آهي. هن وقت اسٽيبلشمينٽ ۽ عمران خان وچ ۾ ڇڪتاڻ آهي. ٻئي ڌريون هڪ ٻئي خلاف ڳالهائينديون رهن ٿيون. ايتري تائين جو جيڪي ريٽائرڊ فوجي عملدار عمران جي حمايت ڪندا هئا انهن جي فوج پينشن بند ڪري ڇڏي هئي. ته توهان اهڙي ماڻهو جي ڪئين ٿا حمايت ڪريو جيڪو فوج کي ڳالهائي ٿو سو اهڙي سخت موقف هوندي هي ريٽائرڊ جنرل عمران سان ملڻ گهرن ٿا ته ڪئين ممڪن آهي ته ان ۾ فوج جي مرضي نه هجي. اسٽيبلشمينٽ پاران تازو ئي اوورسيز پاڪستانين کي گهرايو ويو هيو جيڪي ڊي جي آءِ ايس آءِ سان مليا ۽ پوءِ عمران خان سان به جيل ۾ مليا. انهن چئني ماڻهن جا سوشل ميڊييا پروفائل ڏسو ته ن ليگ ۽ پ پ جا ناقد آهن ۽ پرو عمران خان آهن.