ڀارت جي جنگي جنون کي روڪڻ لاءِ عالمي برادري اڳتي اچي

واريل ڪشمير جي علائقي پهلگام ۾ سياحن تي ٿيل دهشت گردي جو الزام پاڪستان تي لڳائي اتان جي انتهاپسند حڪومت بي جي پي جي انتها پسند وزيراعظم نريندر موديءَ پاڪستان سان سنڌ طاس معاهدو معطل ڪري ڇڏيو آهي، ان کان علاوه واهگه بارڊر بند ڪيو ويو، ويزائون بند ڪيون ويون ۽ سفارتڪارن کي ملڪ مان نڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو. ڀارت جي ان اڳرائي جي جواب ۾ ٽيون ڏينهن وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ سياسي ۽ عسڪري قيادت شرڪت ڪئي. ان اجلاس جي پڌرائي موجب پاڪستان سنڌ طاس معاهدي جي معطلي يعني پاڻي روڪڻ کي ”اعلان جنگ“  قرار ڏيندي چيو ته ڀارت پاڻي روڪيو ته ان کي جنگ جو قدم تصور ڪيو ويندو. پاڪستان ۽ فوج پوري طاقت سان جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهي. پاڪستان به ڀارت سان واپار، واهگا ۽ هوائي حدون بند ڪرڻ ۽ شملا سوڌو سڀ معاهدا معطل ڪري سگهي ٿو. اجلاس ۾ ان خيال جو اظهار ڪيو ويو ته پهلگام واقعي کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ ڀارت جي گهٽيا سوچ آهي.

چيو ويو ته پاڻي پاڪستان جو  اهم قومي مفاد آهي ۽ 24  ڪروڙ پاڪستانين جي لائيف لائين آهي. پاڪستان پنهنجي لائيف لائين جو هر قيمت تي تحفظ ڪندو. پڌرائي ۾ اهو به چيو ويو ته پاڪستاني قوم امن جي خواهش رکي ٿي پر پنهنجي خودمختياري، سلامتي، عزت ۽ حقن تي ڪا سوديبازي نه ڪندي. جڏهن ته ڀارت ۾ مخالف ڌر جي سڀ کان وڏي جماعت ڪانگريس ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته اهو واقعو مودي جي هندو توا پاليسي جو نتيجو آهي ۽ اهو واقعو ڀارت جي ناڪام سيڪيورٽي جو نتيجو آهي جنهن جي جاچ ڪرائڻ گهرجي.

اسان سمجهون ٿا ته انتها پسند ڀارتي حڪومت جي  انتها پسند وزيراعظم نريندر موديءَ جي اها ڳڀرائي انتهائي مذمت جوڳي آهي. ملڪن سان دشمنيون ڪرڻ ۽ جنگين جو ماحول برپا ڪرڻ جي ڪنهن کي به همت افزائي نه ڪرڻ گهرجي تنهن ڪري سڄي عالمي برادريءَ آمريڪا، چين، روس، سارڪ جي سڀني ملڪن ۽ گڏيل قومن جي اداري کي اڳتي اچڻ گهرجي ۽ ڀارت جي انتهاپسند حڪومت جي اهڙين انتهاپسند ڪاررواين جي رستا روڪ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.  ايئن ڀارت اندر به مودي جي انتهاپسند پاليسين بابت مخالف سياسي جماعتن، ميڊيا ۽ عوام کي پنهنجو سخت ردعمل ظاهر ڪرڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته پاڙيسري ملڪن سان سٺن لاڳاپن سان رهبو آهي، دشمنيون ناهن پاڙبيون. پر اها به حقيقت اهي ته جڏهن کان ڀارت ۾ مودي جي حڪومت آئي آهي پاڪستان سان ان جا لاڳاپا خراب کان خراب ئي ٿي رهيا آهن ۽ اها بي جي پي جي حڪومت ئي آهي جنهن ۾ پاڪ ڀارت جا هر قسم جا لاڳاپا ختم  ٿي چڪا آهن. ٻيو ته ڇڏيو مودي سرڪار راندين جي ٽيمن کي به پاڪستان موڪلڻ بند ڪري ڇڏيو آهي.

هونئن ته ماضيءَ  ۾ به ورهاڱي جي وقت کان ڪشمير تي پاڪ ڀارت جو تڪرار رهيو آهي، جنگيون به لڳيون آهن پر پوءِ به حڪومتي، سياسي، ڪاروباري، سفارتي ۽ ثقافتي لاڳاپا معطل نه ڪيا ويا هئا نه ئي هڪٻئي جي ملڪن ڏانهن اچڻ وڃڻ تي پابندي هوندي هئي پر مودي سرڪار پاڪستان سان هر قسم جو تعلق ختم ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻي پهلگام جي دهشت گردي واري واقعي کي بنياد بڻائي پاڪستان سان پاڻي جي معاملي تي جنگ جي راهه هموار ڪئي آهي جڏهن ته پاڪستان ان واقعي کان پنهنجي لاتعلقي جو اظهار ڪندي ڀارت کي پاڪستان مٿان لڳايل الزام جا ثبوت گهريا آهن.

اسان سمجهون ٿا ته والاريل ڪشمير ۾ 26 سياحن جي مارجڻ واري واقعي جي بقول ڪانگريس پارٽي جي ته ڀارتي حڪومت کي پهريون پنهنجي ناڪام سيڪيورٽي جو اعتراف ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجي ناڪامي جو ملبو ٻئي ملڪ تي اڇلائڻ جو غير ذميواراڻو عمل نه ڪرڻ گهرجي پر ڇاڪجي جو ڀارت جي موجوده انتهاپسندي حڪومت ۽ ان جي انتها وزيراعظم نريندر مودي مان ئي اهڙي انتهاپسند ڪارروائي جي توقع ڪري سگهجي ٿي. اصولي طور تي ته اهڙين انتهاپسند سياسي جماعتن کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ئي نه ڏيڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته اهڙيون جماعتون اقتدار ۾اينديون آهن ته اهي اهڙيون ئي  پاڳلاڻيون حرڪتون ڪنديون رهنديون آهن، جهڙيون ڀارت جي بي جي پي جماعت لاڳيتو ڪري رهي آهي.

اسان جو خيال آهي ته ڀارت ۽ پاڪستان توڙي سڀني پاڙيسري ملڪن کي هڪٻئي سان امن سان رهڻ گهرجي. پاڙيسري ملڪن سان ڦٽائڻ غير اخلاقي رويو به سمجهيو ويندو آهي جنهن جو احساس عام ماڻهن کي به هوندو آهي پر افسوس ته ملڪن جي حڪمرانن کي اهڙو ڪو احساس ناهي جنهن ڪري پاڪ ڀارت جو عوام تاراج ۾ آهي تنهن ڪري عالمي برادري کي وچ ۾ پئي ڀارت جي مودي سرڪار جي جنگي جنون کي روڪڻ لاءِ اڳڀرائي ڪرڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.