پ پ جي جلسي ۾ شرڪت نه ڪنداسين:جعفر شاهه

خيرپور(ڊ ر)ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي لڳل ڌرڻي ۾ وڪيل اڳواڻ ايڊووڪيٽ جعفر علي شاھ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اربع واري ڏينھن پيپلزپارٽي جا اڳواڻ سيد خورشيد شاهه ۽ پ پ سنڌ جو صدر نثار کھوڙو وارا آيا ھئا ۽ تن سان ڪابه پيش رفت ناھي ٿي ھن چيو ته اسان چيو ته توھان پنھنجي پاليسي کي واضح ڪيو ته توھان عوام سان آھيو يا وفاقي حڪومت سان آھيو پر ھو اڃان پاڻ ئي فيصلو ڪونه ٿا ڪري سگھن ته ڪنھن سان آھن.

  • ٽرانسپورٽرن جي ٻٻرلوءِ ڌرڻي ۾ ڦاٿل گاڏيون ڇڏرائڻ لاءِ اڄ تائين جي مهلت

ڪراچي (م ڊ) ٽرانسپورٽرن موجب ٻٻرلوءِ ڌرڻي ۾ ڦاٿل هڪ ڊرائيور دل جي دوري سبب فوت ٿي ويو، سامان سان ڀريل گاڏين کي رستو ڏئي ڪليئر ڪرايو وڃي. هنن چيو ته گاڏين ۾ قرباني جا جانور، ڪڪڙيون ۽ کاڌي پيتي جون شيون آهن جيڪي خراب ٿي ويون آهن، گاڏين کي نقصان پهتو ته ذميوار وفاق ۽ صوبائي حڪومت هوندي. هنن حڪومت کي اڄ تائين جي مهلت ڏئي ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.