خيرپور (رپورٽ: عبدالمتين مهر) سومرا اتحاد پاران عامر نواز وڙائچ کي سون جو تاج پارايو ويو سومرا اتحاد پاڪستان جي چيئرمين سردار سجاد حسين خان سومرو جي فرزند سردارزاده ساجد حسين خان سومرو ٻٻرلوءِباءِ پاس لڳل وڪيلن جي ڌرڻي واري هنڌ پنهنجي پاران سنڌو درياهه جي مالڪي لاءِ آواز اٿاريندڙ عامر نواز وڙائچ کي 4 تولا سون جو تاج پارايو ويو ان کان علاوہ سنڌ جي مختلف علائقن مان آيل ماڻهن عامر نواز وڙائچ کي 2300 کان وڌيڪ سنڌي ٽوپيون ۽ 9000 کان وڌيڪ اجرڪون تحفي طور پيش ڪيون آھن هوڏانهن سنڌ سان محبت ڪندڙ مالوند عامر نواز وڙائچ لاءِ سٺي نسل جا ٻڪر سينگاري ڪري کڻي آيو