وڪيلن پاران ٻٻرلوءِ ڌرڻو ختم ڪرڻ کان انڪار،ڪمون شهيد سرحد به بند

خيرپور/سکر(رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو+) خيرپور ٻٻرلوءِ موڙ وٽ ڇھن ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ واري منصوبي خلاف ستين  ڏينھن به ڌرڻو جاري خيرپور توڙي سموري سنڌ جا ماڻھو قافلن جي صورت ۾ ڌرڻي واري ھنڌ اچڻ جو سلسلو جاري آهي، جڏھن  ته وڪيل اڳواڻن پاران ڪمون  شھيد وٽ پڻ احتجاجي ڌرڻو لڳايو ويو آهي ۽ روڊ پڻ مڪمل طور تي بند ڪري ڇڏيو آھي ڌرڻي جي اڳواڻي ڪندڙ عامر نواز وڙائچ،ايڊوڪيٽ سرفراز ميتلو، ايڊوڪيٽ رحمان ڪورائي، ايڊوڪيٽ جعفر شاھ،ايڊوڪيٽ شھمير احمد ڦلپوٽو ۽ ٻيا ڪري رھيا ھئا جڏھن ته ڌرڻي ۾ ڇھين ڏينھن به مختلف سياسي اڳواڻن، قوم پرست توڙي سموري سنڌ جي سول سوسائٽي ،سماجي تنظيمن جي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ڪئنالن خلاف نعريبازي ڪئي وئي ڌرڻي جي اڳواڻن ڪندڙ وڪيلن، قوم پرست اڳواڻن توڙي سماجي اڳواڻن ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو آهي ته اڄ اسان پنھنجي ڌرڻي کي وڌائيندي ڪمون شھيد وٽ پڻ ڌرڻو جو آغاز ڪري ڇڏيو آھي جنھن ۾ ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ کي مڪمل طور تي بند ڪري ڇڏيو آھي ھنن چيو ته اسان جو پھرين ڏينھن کان ھڪ ئي موقف آهي ته ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي کي رد ڪري نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي اڳواڻن چيو ته اسان وٽ سنڌ توڙي وفاق حڪومت ڌرين جا ماڻھون پڻ آيا جن ۾ وفاق حڪومت جي بشير ميمڻ چيو ته مان وزيراعظم شھباز شريف طرفان آيو آھيان جنھن کي پڻ اسان اھو چيو ته توھان ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي کي رد ڪيو ته ڌرڻو ختم ڪيو ويندو نه سڀاڻي شام تائين اسان وڌيڪ حڪمت عملي جوڙينداسين جڏھن ته پيپلزپارٽي جو وفد پڻ اسان وٽ آيو جنھن جلسي ۾شرڪت لاءِ چيو پر اسان کين چيو ته اسان شرڪت نه ڪنداسين توھان پنھنجو موقف چٽو اختيار ڪيو ته وفاقي حڪومت سان گڏ آھيو يا سنڌي قوم سان؟ توھان حڪومت ڇو ڪونه پيا ٽوڙيو جڏهن ته ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي ڌرڻي ۾ شرڪت لاءِ سموري سنڌ جيان خيرپور جي شيعا علماء ڪائونسل، امام انجمن حيدري توڙي خيرپور جي سول سوسائٽي جي اڳواڻن قافلي جي صورت ۾ ڌرڻي واري هنڌ پهچي ڌرڻي جي اڳواڻن سان اظھار يڪجھتي ڪئي جنھن جي اڳواڻي عبدالغفور جانوري،امداد خميساڻي ۽ ٻيا ڪري رھيا ھئا ٻئي طرف خيرپور جي ڦلپوٽا اتحاد طرفان ھزارين ماڻھن سان گڏجي قافلو ڌرڻي واري ھنڌ پھتو جنھن جي اڳواڻي شھمير خان ڦلپوٽو،زاھد حسين ڦلپوٽو،شاھزيب خان ڦلپوٽو،جاويد احمد ڦلپوٽو ۽ ٻيا ڪري رهيا ھئا.ڌرڻي ۾ پ پ سنڌ جو صدر نثار کهڙو، ايم اين اي سيد خورشيد شاهه ۽ ٻيا اڳواڻ پھتا وڪيل اڳواڻن سان ملاقات ڪري کين 25 اپريل سکر واري جلسي جي دعوت ڏني وئي پر وڪيل اڳواڻن وفد کي جلسي ۾ شرڪت کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته اسان وڪيلن تي مشتمل 14 رڪني ڪميٽي جوڙي آھي جيڪا مسلم ليگ ن سنڌ جي صدر بشير ميمڻ سان ڳالھيون ڪندي ۽ اسان جو ڌرڻو به ائين ئي جاري رھندو جڏھن ته حڪومت کي ڏنل ٽائيم پڻ سڀاڻي شام تائين ختم ٿي ويندو جنھن کان پوءِ نئون حڪمت عملي جوڙي ويندي جڏھن ته ھن وقت اسان جو ڌرڻو ھن ڪمو شھيد ۾ پڻ ڌرڻو لڳايو ويو آهي ۽ روڊ رستا مڪمل طور تي بند ڪري ڇڏيا آهن ۽ جيڪڏهن حڪومت سڀاڻي واري ڏنل ٽائيم تائين ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي کي رد نه ڪيو ته اسان ريلوي ٽريڪ پڻ مڪمل طور تي بند ڪري ڇڏينداسين وڪيل اڳواڻن پاران معاملو ڪميٽي اڳيان رکڻ بعد پ پ جي جلسي ۾ شرڪت ڪرڻ سان منسوب ڪري ڇڏيو،پ پ جي وفد جي وڪيل اڳواڻن سان ملاقات بعد سکر ڊسٽرڪٽ بار جي جنرل سيڪريٽري سندر خان چاچڙ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پيپلزپارٽي جو وفد سيد خورشيد احمد شاهه ۽ نثار کهڙ جي اڳواڻي ۾ آيو ۽ چيائون ته توهان ڌرڻو ختم ڪري اسان سان جلسي ۾ گڏ ٿيو اسان کي وفاق پاران رستا کولائڻ لاءِ زور آهي اسان وفاقي وزير عطا تارڙ ۽ راڻا ثناء الله جي ڌمڪين کان نٿا ڊڄون جيڪڏهن نوٽيفڪيشن واپس نه ٿيو ته ريلوي ٽريڪ بند ڪرڻ سميت ٻيا آپشن به موجود آهن، هوڏانهن  جي يو آئي اڳواڻ ناصر محمود سومرو به ڪارڪنن سان گڏ احتجاجي ڪيمپ تي پهتو، حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي ويئي،ناصر محمود سومرو تقرير ڪندي چيو آهي ته نوان ڪئنال سنڌ جي زرخيز زمينن ۽ انڊس ڊيلٽا جي ماحولياتي نظام لاءِ خطرو آهن،مرڻ ۽ مارڻ کان نٿا ڊڄون۔ پنهنجي نسلن خاطر ميدان تي آيا آهيون۔ حڪمرانن کي ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته پاڪستان جي سلامتي سنڌ جي سلامتي ۾ آهي ٻئي پاسي جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي جو ڪنوينر ۽ جيئي سنڌ قومي پارٽي جو چيئرمين نواز خان زئور پارٽي جي ٻين مرڪزي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان گڏ ٻٻرلوءِ باس پاس تي لڳل  ڌرڻي ۾ پھچي ويو. ڌرڻي کي خطاب ڪندي قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور چيو آهي  ته سنڌو درياھ تي پنجاب پنھجو دائمي قبضو ڄمائڻ چاھي ٿو. انھي ڪري سنڌو مان ڪئنال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي  زمينن تي قبضو ڪرڻ چاھي ٿو. سنڌي قوم جي باشعور ماڻھن جي جدوجھد پنجاب جو چين سڪون آرام ختم ڪري ڇڏيو آھي ۽ هاڻي پنجاب وڏي دٻاءُ ۾ آهي، سنڌي قوم پنھجي حقن واري جدوجھد جي مالڪي ڪئي آھي. جڏھن قومون سجاڳ ٿينديون آھن، تڏھن پنھجا حق حاصل ڪري وٺنديون آھن. هوڏانهن قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور هنڊياري لڳ ڳوٺ رسول پور ۾ مقتول صحافي اي ڊي شر جي پونئرن سان دعا گهري تعزيت ڪئي پارٽي جو سينئر وائيس چيئرمين محمد علي خشڪ، صوفي حاجن گل، آزاد شر، حفيظ شر، آڪاش شر، علي رضا خاصخيلي. ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

اوٻاوڙو (رپورٽ: عبدالحئي ڇڄڻ+بشير ملڪ)سنڌو مان 6 تڪراري ڪئنال ڪڍڻ خلاف وڪيل اڳواڻ سنڌ ڪائونسل بار جي ذوالفقار علي جلباڻي عبدالرزاق مھر ضلع گھوٽڪي بار جي صدر لياقت ملاڻو ،  ڄام عبدالفتاح سميجو سرائڪي لائرفورم جي ايڊوڪيٽ ايازاحمد جيئي سرائڪي قومي مومنٽ جي اڳواڻ مير ڪريم الله ڪورائي  اوٻاوڙو بار جي صدر قادربخش ڀٽي غلام مرتضي سميجو  عبدالفتاح سمون راشد علي فھد حسين شاھ ۽ جيئي سنڌ محاذ جي سليم شر مجيد جوڻو جسقم جي آصف فاروقي اصغر سنڌي راڻو خالق مزاري جي اڳوڻي ۾  سوين ڪارڪنن جو  قومي شاهراھ تي احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھڻي قومي شاھراه تي احتجاجي ڪيمپ قائم ڪري روڊ بند ڪري ڇڏيو جنهن سبب سنڌ توڙي پنجاب ڏانهن ايندڙ ويندڙ  گاڏيون بند ٿي ويون   جتي  جذباتي ڪارڪنن پاران سنڌو تي ڌاڙو نامنظور سمورا ٺهندڙ ڪينال نامنظور جا زوردار نعرا هڻندا رھيا ان موقعي تي مظاھرين کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ڪراچي کان ملتان تائين سنڌ آھي انھي ڌرتي جا وارث اسين سنڌي سرائڪي آھيون مگر سامراجن سنڌين سرائڪين کي ڌار ڪري سنڌين جي پاڻي تي ڌاڙو ۽ اسان سرائڪين جي سرزمين کي قبضو ڪيو آھن اسين سنڌي سرائڪي گڏجي پنجاب سامراج سان مھاڏو اٽڪائي ڪاميابي ماڻينداسون ڌرڻي ۾ اڳوڻو ايم اين اي ميان عبدالحق عرف ميان مٺو ۽ ميان اسلم شرڪت ڪري وڪيل اڳواڻن سان ڀرپور ساٿ ڏيڻ جو اعلان ڪيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.