زرعي زمينن جي بهتري، پاڻي جي بچت، پيداوار ۾ واڌ ۽ ماحولياتي بچاءُ لاءِ دنيا ۾ ڪيترائي طريقا استعمال ٿين پيا، پر انهن مان ٻه طريقا، بايوچار ۽ ڪمپوسٽ، تمام مؤثر ۽ سستا آهن. هي ٻئي نامياتي مادا زمين لاءِ فائديمند آهن پر سندن خاصيتون، ڪم، ۽ فائدا مختلف آهن.بايوچار، جنهن کي ڪارو ڪاربن به چيو ويندو آهي، ڪاٺ، ٻوٽن جا باقيات، يا زرعي فضول شين کي آڪسيجن جي غير موجودگيءَ ۾ ساڙي تيار ڪيو ويندو آهي. هي هڪ پائيدار ۽ سڪل مادو آهي جيڪو مٽيءَ ۾ پاڻي ۽ ڀاڻ کي سنڀالي رکي ٿو. بايوچار ڪيترن صدين تائين زمين ۾ موجود رهي سگهي ٿو، تنهن ڪري ماحول مان ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ کي جذب ڪري ماحولياتي تبديليءَ خلاف هڪ وڏي ديوار بڻجي ٿو. بايوچار زمين جي جوڙجڪ بهتر ڪري ٿو، زمين جي قدرتي فرٽيلٽي وڌائي ٿو، ۽ پوک لاءِ بهتر ماحول مهيا ڪري ٿو.
ٻئي پاسي ڪمپوسٽ عام طور تي ڀاڄين جا بچيل حصا، مال جي ٻوڪ، پنن ۽ ٻيون نامياتي شيون گڏ ڪري تيار ڪئي ويندي آهي. هي عمل آڪسيجن جي موجودگيءَ ۾ ٿيندو آهي ۽ هينئر ڪيترن ئي ماڻهن ۽ فارمن تي استعمال ٿي رهيو آهي. ڪمپوسٽ خاص طور تي غذائي جزن سان ڀرپور هوندي آهي ۽ مٽيءَ ۾ جاندار جيوڙن جي وڌڻ لاءِ مددگار آهي. هي مٽيءَ ۾ ٿوري وقت لاءِ غذائي جزا مهيا ڪري ٿي، پر وقت سان گڏ سڙي ختم به ٿي وڃي ٿي.بايوچار پاڻيءَ کي مٽيءَ ۾ گهڻو وقت روڪي رکي ٿو، جڏهن ته ڪمپوسٽ به پاڻي جذب ڪري ٿي پر ان جو اثر ٿورو وقت لاءِ هوندو آهي. بايوچار صدين تائين ڪاربن سنڀالي رکي ٿو، جڏهن ته ڪمپوسٽ سڙڻ سان ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ ڇڏيندي آهي. بايوچار گرين هائوس گيسن کي گهٽ ڪري ٿو، ڪمپوسٽ نامياتي فضول کي ڪم آڻڻ ۾ مدد ڪري ٿي. ڪمپوسٽ جلدي غذائيت ڏئي ٿي، بايوچار ڊگهي وقت تائين مٽيءَ کي صحتمند بڻائي ٿو. ٻنهي جا فائدا گڏجي مٽيءَ لاءِ بهترين نتيجا ڏين ٿا.
اسان جي مٽي، پاڻي، ۽ ماحول کي محفوظ رکڻ لاءِ ضروري آهي ته سنڌ حڪومت بايوچار جي تياري، تربيت، ۽ استعمال لاءِ باقاعدي پاليسيون جوڙي. خاص طور تي ٻيلن، آبادگارن، اسڪولن، ۽ نوجوانن کي بايوچار بابت سکيا ڏني وڃي، ته جيئن زرعي بچاءُ لاءِ ڪيميائي ڀاڻ جهڙوڪ يوريا وغيره جي ضرورت گهٽ ٿئي. فصلن جي پيداوار قدرتي طور وڌي، پاڻي جي کوٽ وارن علائقن ۾ زمين زرخيز رهي، موسمي تبديليءَ خلاف مقامي سطح تي اثرائتي جنگ وڙهي سگهون، ۽ ٻيلن ۾ پوکيل وڻ بهتر نموني وڌن.ان سلسلي ۾ لکندڙ پاران ٻيلي کاتي، حڪومت سنڌ کي رسمي طور هڪ درخواست پيش ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته سرڪاري ٻيلي کاتي جي زمين تي قدرتي طور تي فائديمند وڻ، خاص طور مورنگا، پوکيا وڃن. انهيءَ بابت ٻه خط به عوامي آواز اخبار جي ايڊيٽر کي لکيا ويا، جن ۾ ٻيلن کي واڌ ڏيڻ ۽ زمين جي سڌاري لاءِ بايوچار جي استعمال تي زور ڏنو ويو. ان کان علاوه، عوامي آواز جي ايڊيٽوريل ۾ به ٻيلن جي واڌ، خاص ڪري مورنگا جهڙن مقامي ۽ فائديمند وڻن جي پوک بابت واضح مؤقف اختيار ڪيو ويو، جيڪو سنڌ جي مستقبل لاءِ نهايت اهم آهي.
بايوچار ۽ ڪمپوسٽ ٻئي قدرتي ۽ پائيدار طريقي ڪار آهن پر جيڪڏهن حڪومت، آبادگار، ۽ نجي ادارا گڏجي بايوچار سان گڏ ڪمپوسٽ کي پڻ استعمال ڪن، ته هي زمين لاءِ دوا وانگر ثابت ٿيندو. سنڌ جي زرخيز مٽيءَ کي بچائڻ لاءِ بايوچار وقت جي ضرورت آهي، خاص ڪري جڏهن اها ڪوشش اڳ ئي عوامي سطح تي بيهڪ حاصل ڪري چڪي آهي.
رياض پيرزادو/ ڪراچي
دادو جي اسپتال، جيڪا هڪ دور ۾ حياتي جي آس هئي، اڄ بي حسي، بدانتظامي ۽ اقتدار ڌڻين جي نااهلي سبب موت جو در بڻجي وئي آهي. نه دوا، نه ڊاڪٽر، نه سهولتون رڳو خالي وارڊ، روئندڙ مريض، ۽ لاچار وارث! اسپتال جي حالتن تي نظر وجهبي ته لڳي ٿو ڄڻ ڪنهن سازش تحت ان کي تباهه ڪيو ويو آهي. انتظامي لاپرواهيءَ سبب مريض دانهون ڪري رهيا آهن، پر ڪو ٻڌڻ وارو ناهي. دادو جي اسپتال هاڻي علاج جو مرڪز نه، پر حڪومتي ناڪاميءَ جو زندا ثبوت بڻجي چڪي آهي.هي سرڪاري اسپتال، جيڪا ڪنهن دور ۾ اميدن جو آستانو هُجي، اڄ بي وسيءَ جو مظاهرو بڻجي بيٺي آهي نه دوا ٿي ملي، نه ڊاڪٽر، نه ساهن لاءِ سهارو، نه ئي پيئڻ لاءِ پاڻي. مريض، جيڪي ڏور ڏُور کان سخت گرميءَ ۾ پنڌ ڪري، اسپتال علاج جي اوسيئڙي ۾ اچن ٿا، سي نه صرف بيماري سان وڙهن ٿا، پر نظام جي بيماريءَ سان پڻ نبرڻو پوي ٿو. بيڊن تي بسترا ناهن، ڇتن ۾ پکا ناهن، بجليءَ جي اچ وڃ ڪنهن عذاب کان گهٽ ڪونهي ۽ ايمبولينسون ته ڄڻ ڪنهن کاتي ۾ ئي ناهن جنهن ۾ تيل به ايترو ملي ٿو، جيترو مريضن جي دلين ۾ بچي ويل اميد.ڊاڪٽرن جي ڊيوٽي به عجب ڳالهه آهي، ڄڻ هي اسپتال نه پر ڪنهن سياستدان جي اوطاق آهي جتي موڪل به پئسن تي ملي ٿي، ۽ حاضري به اثر رسوخ تي. جيڪا دوا سرڪار عوام لاءِ موڪلي ٿي، سي شهر جي خانگي اسٽورن تي ائين وڪرو ٿين ٿيون، ڄڻ ڪنهن نيلام تي آندل خزانو هجي. ۽ جيڪڏهن ڪنهن مريض کي سرڪاري دوا گهرجي ته، ڊاڪٽر جي نسخي تي خانگي دوائن جو مهانگو انمول تاج ضرور ملندو.دادو جي سرڪاري اسپتال ۾ بدانتظامي، لاپرواهي، ڪرپشن ۽ عملدارن جي نااهلي سبب عوام کي بنيادي صحت جون سهولتون به ميسر نه آهن. اسپتال ۾ دوائن جي کوٽ، صفائيءَ جي ناقص حالت، ۽ ڊاڪٽرن جي غير حاضري روز جو معمول بڻجي ويو آهي. مريض تڪليف ۾ ورتل آهن ۽ اسپتال عملي جي لاپرواهي سبب زندگيون خطري ۾ پئجي رهيون آهن.
حاڪم علي چانڊيو/دادو