سنڌي ڪهاڻي جي اوسر ۾ جن ڪهاڻيڪارن جو اهم ڪردار رهيو آهي انهن ۾ جمال ابڙي ۽ اياز قادري کان ويندي رزاق مهر تائين ڪيترن ئي ڪهاڻيڪارن جا نالا ڳڻائي سگھجن ٿا. اهڙن ئي برجستن ڪهاڻيڪارن ۽ پختن ڊرامي نگارن ۾ ڪيهر شوڪت جو نالو پڻ وڏي اهميت جو حامل آهي. هن وٽ لکڻ جو نرالو ڏانءُ هو جيڪو پڙهندڙ کي پنهنجي گرفت ۾ آڻي ڇڏيندو هو. هن زندگيءَ جي ننڍڙن مسئلن ۽ مونجهارن کان ويندي وڏن وڏن سماجي ناسورن تي جهڙي ڀرپور انداز ۽ جزيات ۾ وڃي لکيو سو انداز ئي سندس خاص سڃاڻپ بڻيو. هن کي مشاهدي واري اک پيش ڪيل منظر ۾ موجود چرندڙ پرندڙ ننڍين شين تي به هوندي هئي. سندس ڪهاڻين ۾ موجود منظرڪشي پڙهندڙ کي ان ماحول ۾ پهچائي ڇڏيندي هئي جيڪو هو لفظن ذريعي چٽيندو هو ۽ اها سندس لکڻيءَ جي ڪمال ڪاريگري هئي.
ڪيهر شوڪت ولد غلام عباس ڪيهر 2 فيبروري 1951 تي جنم ورتو. سندس اباڻو ڳوٺ آگاڻي باغن واري خاص سڃاڻپ رکندڙ آهي. 1980 ۾ ايل ايل بي جو امتحان پاس ڪيائين ۽ 1985 ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌي ادب ۾ ايم اي پڻ ڪيائين.
ڪراچيءَ ۾ سندس نوڪريءَ جي شروعات سنڌي استاد طور ٿي، پر پوءِ تُرت ئي وڪالت شروع ڪيائين. 1990 ۾ کيس صوبائي قانون کاتي ۾ سرڪاري وڪيل جي نوڪري ملي، جتان 1998 ۾ ڊپٽي اٽارني جي عهدي تي ترقي پڻ ماڻيائين. سندس مزاج حساس ليکڪ هئڻ سبب ٻين وڪيلن کان گهڻو مختلف هو. هن جتي به نوڪري ڪئي سندس هٿ صاف رهيا، جيڪو به حاصل ڪيائين ساو سندس ذاتي محنتن جو نتيجو هو.
ڪيهر شوڪت جو شمار سنڌ جي معروف ڊرامي نگارن ۾ به ٿئي ٿو. هن ستر واري ڏهاڪي ۾ لکڻ جي شروعات شاعري سان ڪئي، جنهن بعد سندس لاڙو ڪهاڻين ڏانهن ٿيو ۽ هن پنهنجي احساسن جي اظهار لاءِ ڪهاڻيءَ کي ئي مستقل اظهار جو ذريعو بڻايو. پاڻ هڪ متحرڪ انسان هو جنهن سڄي حياتي جدوجهد ڪندي قلم ۽ ڪاغذ سان ناتو نڀائيندي گذاري. هن جي لکڻين ۾ بهتريءَ جو پيغام آهي، جيڪو پڙهندڙ جي ذهن تي هاڪاري اثر ضرور ڇڏي ٿو. ڪهاڻي جي ڪئنواس تي خوبصورت ڪهاڻيون چٽيندي هن جڏهن ڊرامن ڏانهن لاڙو ڪيو ته نه فقط سنڌي پر اردو ڊرامن ۾ به پاڻ مڃرايو. هن پي ٽي وي تي پهريون ڊرامو تڏهن لکيو جڏهن اڃا سندس عمر 26 سال هئي. اڳتي هلي سندس شمار ملڪ جي تمام سٺن ناٽڪ نويسن ۾ ٿيڻ لڳو. سندس يادگار ڊرامن ۾ ”انتها“، ”درد مندون ڪا ديس“، ”سج گرهڻ“، ”اڪيلو ماڻهو“ وغيره شامل آهن. ڪيهر شوڪت جي ڪهاڻين جو مجموعو ”پل تي ويٺل هڪ نوجوان“ پڻ ڇپيل آهي.24 پاڻ اپريل 1999 تي سوِل اسپتال ڪراچي ۾ اسان کان وڇڙي ويو هو.
(سنڌ سلامت تان کنيل)