ڪراچي( رپورٽر) مشهور طبيب ڊاڪٽر اديب رضوي کي برٽش ميڊيڪل جرنل (بي ايم جي) پاران هڪ بين الاقوامي ايوارڊ سان نوازيو ويو آهي.سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورولوجي اينڊ ٽرانسپلانٽيشن (SIUT) پاران جاري ڪيل هڪ بيان موجب، صدر بي ايم جي ايڊوائزري بورڊ ڊاڪٽر سنجي نئين دهلي ۾ ڊاڪٽر اديب رضوي لاءِ بين الاقوامي ايوارڊ جو اعلان ڪيو . تقريب کي آن لائن خطاب ۾، ڊاڪٽر اديب رضوي ايڊيٽوريل بورڊ تي زور ڏنو ته هو علائقي جي ٻين طبي ادارن جي حوصلا افزائي ڪري.