ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته نواز شريف ۽ شهباز شريف ماحول خراب ڪندڙن کي سمجهائين، بيان بازي جو سلسلو جاري رهيو ته اسان جا ترجمان جواب ڏيڻ تي مجبور ٿي ويندا.
پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت ڪينال مسئلي تي پهرئين ڏينهن کان پنهنجي موقف تي قائم آهي، اسان جو واضح موقف آهي ته ڪينال نه ٺاهيا وڃن، پنجاب ۾ زمين هيٺ مٺو پاڻي موجود آهي ۽ فصل ٿي سگهن ٿا.
هن چيو ته شهباز شريف سڄي ملڪ جو وزيراعظم آهي، کيس ماڻهن جا خدشا ختم ڪرڻ گهرجن، 1991 جي معاهدي تحت به اسان کي پاڻي نه پيو ملي، قانوني طور جيڪو اسان جو حصو ٺهي ٿو اهو ڏيو.
سندس چوڻ هو ته ڪينال مسئلي تي ن ليگ جي سنجيده ماڻهن سان ڳالهيون ٿي رهيون آهن ۽ ڪجهه وزير غير ضروري بيان بازي ڪري رهيا آهن، اهي ماڻهو غير سياسي آهن، نواز شريف ۽ شهباز شريف ماحول خراب ڪندڙن کي سمجائين، ن ليگ طرفان هاڻ ڪو بيان آيو ته اسان جا ترجمان جواب ڏيڻ تي مجبور ٿي ويندا.
ن ليگ قيادت پنهنجي ماڻهن کي سمجهائي نه ته جواب ڏيڻ تي مجبور ٿي پونداسين: شرجيل ميمڻ
You might also like