ڳالهه هٿن مان نڪري وئي ته احتجاج ڪنداسين، ڪينال ڪنهن به قيمت تي نه ٺهندا: مراد علي شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪنهن به قيمت تي ڪينال ٺهڻ نه ڏينداسين.
صحافين سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته مان هر گارنٽي ڏيڻ لاءِ تيار آهيان ته سنڌ حڪومت عوام جي طاقت سان ڪينال ٺهڻ نه ڏيندي.
هن چيو ته جولاءِ 2024 کان ڪينال منصوبي تي ڪم ۽ نومبر کان ايڪنڪ ۾ منظوري رڪيل آهي، ان ڳالهه تي ناخوش آهيان ته اڃا تائين ان منصوبي کي ختم ڇو ناهي ڪيو ويو، وزيراعظم کي نتيجن جي سنگيني جو اندازو آهي، اميد ته انصاف ڪندو.
سندس چوڻ هو ته وڪيل ۽ قوم پرست احتجاج ضرور ڪن پر ماڻهن کي تڪليف ڏيڻ کان پاسو ڪن، پ پ ۽ احتجاج ڪندڙن جو هڪ ئي مقصد آهي، جيڪڏهن ناڪام ٿياسين ته پوءِ اسان به احتجاج ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.