ڀان سيدآباد (رپورٽ:آدم مينگل ) وڏو وزير سيد مراد علي شاهه هڪ ڏينهن جي مختصر دوري تي پنهجي چونڊ تڪ ڀان سيدآباد پهتو،جتي صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته نواز ليگ جي ڪجهه ماڻهن ڪئنالن بابت غلط بيان بازي ڪري پوءِ معافي ورتي ، سنڌو مٿان ٺهندڙ تڪراري ڪئنال منصوبا اسين هرگز قبول نه ڪندا سين،ڪئنال منصوبو انشاءَالله پاڪستان پيپلز پارٽي ئي رد ڪرائي ڏيکاريندي،ڪئنال منصوبي خلاف سنڌ جو عوام سراپا احتجاج بڻيل آهي،عمرڪوٽ جي عوام سازشي عنصرن کي جواب ڏنو ته عوام پ پ سان گڏ آهي،هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ماڻهن ۾ سوشل ميڊيا ۾ شوشو ڇڏيو ويو ته سنڌ جا ماڻهو پ پ کان ناراض آهن پر ائين هرگز ناهي،انشاءالله سنڌو مٿان ٺهندڙ تڪراري ڪئنال منصوبو رد پيپلز پارٽي ئي ڪرائيندي،پ پ جي هوندي ڪير به سنڌ خلاف سازش نه ٿو ڪري سگهي،هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو واضع ڪيو آهي ته ڪئنالز نامنظور آهن ته ٻئي پاسي حيدرآباد ۾ ڪئنالن خلاف جلسو ڪيو، ۽ 25 اپريل تي سکر ۾ پڻ جلسو ٿيندو ،جيڪا سازش پ پ خلاف شروع ٿي ان کي رد ڪنداسين ، وڪيلن پاران لڳايل ڌرڻي تي چيو ته ڪئنالن خلاف احتجاج پوري سنڌ جو حق آهي،اسان وڪيلن سميت ڪنهن کي احتجاج کي ناهي روڪيو ،ڪالهه واري ۾ جلسي ۾ سڀ ڌريون پ پ جي جلسي ۾ شرڪت ڪن ها ، اسين ڪنهن کي منع نه ڪيو سين،ڪئنالن واري جائز مسئلي تي ٿيندڙ احتجاج کي ناهي روڪيو. اسان پاڻ احتجاج ڪريون پيا،مون پاڻ سروي ڪرائي ڪئنالن بابت، اهو ڪم جيڪو ٿيو اهو هاڻي بند آهي،هن چيو ته اسين بلاول ڀٽو جا سپاهي آهيون، اسين عوام سان گڏ آهيون،مان وڏي وزير جي حيثيت سان وفاق آڏو ڀرپور موقف رکيو آهي، ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ ۾ ويا آهيون، اسان جي احتجاج کانپوءِ ايڪنڪ جي اجلاس مان پڻ ڪئنالز ايجنڊا ڪڍي وئي،راڻا ثناءُالله جي ڏنل بيان بابت سوال جي جواب ۾ چيو ته نواز ليگ جي ڪجهه ماڻهن ڪئنالن بابت غلط ڳالهائي بعد ۾ معافي ورتي آهي، ن ليگ جي ماڻهن ڪئنالن بابت غلط بياني ڪئي آهي.بلاول ڀٽو وزيراعظم کي چئي چڪو آهي ته ڪئنالن بابت اسان عوام سان گڏ آهيون ،بجيٽ کان اڳ ئي ڪئنال منصوبو رد ٿيندو ،سيوهڻ ۾ پيئڻ جي پاڻي جو شديد بحران بابت هن چيو ته سيوهڻ ۾ پاڻي جو مسئلو جلد حل ڪنداسين.درياء ۾ پاڻي گهٽ هجڻ سبب سيوهڻ ۾ پاڻي جو مسئلو ٿيو آهي،هوڏانهن بوبڪ ۾ پ پ اڳواڻ مخدوم ضمير حسين عباسي سان سندس ننڍي ڀاءُ ۽ اڳوڻي ڊي آءِ بي انچارج مخدوم جليل عباسي جي لاڏاڻي تي،ڳوٺ امام علي دل ۾ ون فائيو انچارج سيوهڻ منظور دل سان سندس چاچي جي لاڏاڻي تي ڀان سيدآباد شهر جي ٻگهيا ڪالوني ۾ وڏيرو جمن ٻگهيو سان سندس نياڻي جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي ۔