” اسين ڌرتي ڄاوا آهيون سنڌوءَ مان ڪئنال ڪڍڻ نه ڏينداسين“ کدڙن فقيرن جو حيدرآباد ۾ احتجاج

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) سنڌو درياهه مان چولستان سميت ڇهه نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف کدڙن فقيرن طرفان حيدرآباد ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.
مريم شيخ، ثنا خان، بنديا راڻا ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اولڊ ڪيمپس کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن ”ڪئنال سمورا نامنظور“ ۽ ”درياهه تي ڌاڙو نامنظور“ جا نعرا هنيا.
احتجاج ڪندڙ اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌو درياهه جي پاڻي تي لڳندڙ ڌاڙي خلاف هو سنڌ جي عوام سان گڏ آهن ۽ ڪنهن به صورت ۾ سنڌوءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ قبول نه ڪنداسين.
هنن وڌيڪ چيو ته اسين ڌرتي ڄاوا آهيون، سنڌو اسان جي ساهه سان جڙيل آهي ۽ هر باشعور فرد جو فرض آهي ته هو پنهنجي درياهه، زمين ۽ وسيلن جي حفاظت لاءِ آواز بلند ڪري.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.