هلندڙ سال ملڪ ۾ سون ڪيترو مهانگو ٿيو؟ انگ اکر سامهون اچي ويا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڄ سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمتن ۾ ڪا به تبديلي نه آئي، مارڪيٽن ۾ في تولي ۽ ڏهه گرام سون جا اگهه ساڳي سطح تي برقرار رهيا.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ جي سون مارڪيٽن ۾ في تولي سون جو اگهه 3 لک 49 هزار 7 سئو رپيا ۽ ڏهه گرام سون جي قيمت 2 لک 99 هزار 811 رپيا برقرار رهي.
ان سان گڏوگڏ عالمي مارڪيٽ ۾ به سون جي قيمت ۾ ڪا تبديلي نه آئي، جتي في اونس سون جو اگهه 3 هزار 326 آمريڪي ڊالرز تي مستحڪم رهيو.
واضح رهي ته پاڪستان ۾ هلندڙ سال جي شروعات ۾ في تولي سون جو اگهه 2 لک 72 هزار 600 رپيا هو، جڏهن ته 108 ڏينهن جي عرصي دوران ان جي قيمت ۾ 77 هزار رپين جي واڌ ٿي، جنهن کان پوءِ سون 3 لک 49 هزار 7 سئو رپين جو ٿي ويو آهي.
ان عرصي دوران ڏهه گرام سون جي قيمت به 66 هزار رپين جي واڌ سان وڌي 2 لک 99 هزار 811 رپين تي پهتي آهي.
عالمي مارڪيٽ ۾ به سون جي قيمت ۾ 712 ڊالرز واڌ بعد في اونس اگهه 3 هزار 326 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.