اسحاق ڊار جي افغان وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سان ملاقات، سيڪيورٽي معاملن تي ڳالهيون

ڪابل (ويب ڊيسڪ) ڪابل ۾ پاڪ-افغان ڳالهين جي سلسلي ۾ پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، افغان وزيراعظم ملا محمد حسن اخوندزادا ۽ افغان پرڏيهي وزير امير خان متقي سان ملاقاتون ڪيون، جن ۾ سيڪيورٽي سميت ٻين ٻه طرفن معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي افغان عبوري وزيراعظم سان ملاقات دوران سيڪيورٽي، واپار، ٽرانزٽ سهڪار سميت ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي.
ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي عوامي لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي به ويچاريو ويو ، جڏهن ته ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ لاءِ اعليٰ سطحي رابطا جاري رکڻ جو عزم ورجايو ويو.
ان کان اڳ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي قيادت ۾ پاڪستاني وفد افغان اختيارين سان ڳالهين ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته اسحاق ڊار، افغان پرڏيهي وزير امير خان متقي سان به ملاقات ڪئي، جنهن دوران ٻه طرفن لاڳاپن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ڪابل روانگي کان اڳ اسحاق ڊار چيو هو ته دهشتگردي جو معاملو پاڪستان لاءِ ڳڻتي جوڳي آهي، افغانستان سان سيڪيورٽي معاملن تي خدشا موجود آهن ۽ پاڪستاني شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ پهرين ترجيح آهي.
هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي عوام جي ڀلائي چاهيون ٿا، پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ واپاري ۽ معاشي سهڪار جا وڏا موقعا موجود آهن، جيڪي اڃا تائين مڪمل طور استعمال ناهن ٿي سگهيا.
اسحاق ڊار وڌيڪ چيو ته وزيراعظم شهباز شريف افغانستان سان رابطن ۾ تيزي آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته پاڪستان ۽ وچ ايشيا جي ملڪن جي وچ ۾ ريلوي لنڪ لاءِ افغانستان اهم ڪردار رکي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.