وڪيلن جي حمايت ۾ راڻيپور وٽان به قومي شاھراھه بند

راڻيپور(رپورٽ: فياض حسين راڄپر) ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي وڪيلن جي ڌرڻي جي حمايت ۾ راڻيپور قومي شاھراھه تي سماجي اڳواڻ سڪندر سرڪي، امتياز ڀيلار، امداد لاڙڪ، جبران سرڪي، شوڪت گھانگھرو، ايڊووڪيٽ عاشق شيخ، آصف نواز جامڙو ۽ اشفاق سولنگي جي اڳواڻي ۾ باب دستگير گيٽ وٽ احتجاج ڪري قومي شاھراھه بند ڪري ڇڏيو، جنهن سبب سنڌ پنجاب ڏانهن ٽريفڪ جي اچ وڃ مڪمل طور بند ٿي وئي، ڌرڻي ۾ فنڪار اياز ملاح پھچي سنڌڙي جا ڪلام چيا لطيف سرڪار جي وائي چئي ويٺلن ۾ وجد طاري ڪري ڇڏيو، جڏھن ته هر طرف سنڌو درياهه تي ڪئنال اڏڻ واري منصوبي خلاف جذباتي نعرا هنيا ويا، ان موقعي تي اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته وڪيلن جي جرئت کي سلام آھي جن سنڌو خاطر ٻٻرلوءِ ۾ ڌرڻو ھنيو آھي اسان انھن سان گڏ آھيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.