ممبئي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر ۽ ڪوچ سنجي ڀانگر جي جنس تبديل ڪرائيندڙ پٽ عنايا ڀارتي ڪرڪيٽرن طرفان فحش تصويرون موڪلڻ جو انڪشاف ڪيو آهي.
گذريل سال نومبر ۾ سنجي ڀانگر جو 23 ورهين جو پٽ آريان جنس جي تبديليءَ کان پوءِ ”عنايا“ بڻجي ويو هئي.
عنايا پنهنجي هارمونل ٽرانسفارميشن جي سفر بابت سوشل ميڊيا تي تفصيل شيئر ڪري سڀني جي ڌيان جو مرڪز بڻجي وئي هئي.
برطانيا ۾ رهندڙ عنايا ويجهڙ ۾ ڏنل هڪ انٽرويو دوران ڀارتي ڪرڪيٽرن بابت ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا آهن.
انٽرويو ۾ جنس جي تبديلي جي خواهش بابت ڳالهائيندي عنايا چيو ”جڏهن مان اٺ يا نون سالن جي هيس ته ماءُ جي الماڙي مان عورتن جا ڪپڙا ڪڍي پائيندي هيس ۽ آئيني اڳيان بيهي چوندي هيس ته مان ڇوڪري آهيان ۽ ڇوڪري بنجڻ چاهيان ٿي.“
عنايا ٻڌايو ته هوءَ هاڻي تائين ڪيترن ئي مشهور ڪرڪيٽرن، جن ۾ مشير خان، سرفراز خان، ۽ يشسوي جئسوال شامل آهن، سان گڏ کيڏي چڪي آهي، پر پنهنجي سڃاڻپ رازداري ۾ رکڻي پوندي هئي ڇاڪاڻ ته سندس والد هڪ مشهور شخصيت آهي.
عنايا جو چوڻ هو ته”ڪرڪيٽ جي دنيا اندر عدم تحفظ ۽ گندي مرداڻي سوچ موجود آهي“
جنسي هراساني بابت سوال تي عنايا انڪشاف ڪيو ته ” ڪجهه ڪرڪيٽر اهڙا به هئا جن مون ڏانهن پنهنجون فحش تصويرون موڪليون.“
جنس تبديل ڪرڻ کانپوءِ سامهون آيل رويي بابت عنايا ٻڌايو،” هڪڙو شخص اهڙو به هو جيڪو سڀني جي سامهون مون کي گاريون ڏيندو هو، پر پوءِ ساڳيو همراهه مون کان تصويرون گهرندو هو.“
You might also like