ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ڪنگز جي مالڪ سلمان اقبال پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ تجربيڪار بيٽر بابر اعظم جي ٽيم کان ڌار ٿيڻ بابت سان وضاحت ڪندي چيو آهي ته بابر سان اختلافن جو سبب سندس بيٽنگ پوزيشن هئي.
سلمان اقبال هڪ انٽرويو دوران ٻڌايو ته ” اسان چاهيون پيا ته بابر ون ڊائون پوزيشن بيٽنگ ڪري، پر هو پنهنجي روايتي اوپننگ رول تان هٽڻ لاءِ تيار نه هو، تنهنڪري اسان کيس ٽيم مان رليز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.“
ياد رهي ته بابر اعظم پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي شروعاتي ايڊيشن 2016ع ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ جو حصو هو، جنهن کانپوءِ 2017ع کان 2022ع تائين 6 سيزنن تائين هن ڪراچي ڪنگز جي نمائندگي ڪئي.
2023ع ۾ بابر ڪراچي ڪنگز کان ڌار ٿي پشاور زلمي ۾ شامل ٿيو، جتي هاڻي هو ٽيم جي قيادت پڻ ڪري رهيو آهي.
بابر اعظم پنهنجي پوري ٽي 20 ڪيريئر دوران هميشه اوپننگ کي ترجيح ڏني آهي، جنهن ۾ پي ايس ايل جي 90 اننگزن مان 76 ڀيرا اوپننگ ڪئي آهي.
اوپنر طور هن 47.01 جي ايوريج ۽ 129.13 جي اسٽراڪ ريٽ سان 3103 رنسون ٺاهيون آهن، جنهن ۾ 28 ففٽيون ۽ ٻه سينچريون پڻ شامل آهن.