پ پ سنڌوءَ تي ڪئنال ٺاهڻ جي اجازت نه ڏيندي، جيالا منصوبي جي خاتمي تائين وڙهندا: شازيا مري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرينز جي ترجمان شازيا مري چيو آهي ته وفاق کي پاڻي جي مسئلي تي عوامي جذبن سان نه کيڏڻ گهرجي.
اسلام آباد مان جاري ڪيل بيان ۾ شازيا مري چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان جو عوام کي پاڻي جي سخت کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي، اهڙي صورتحال ۾ وفاقي حڪومت کي سنڌو درياهه مان ڇهه نوان ڪئنال ڪڍڻ واري رٿا تان ترت هٿ کڻڻ گهرجي.
هن چتاءُ ڏيندي چيو ته پيپلز پارٽي سنڌوءَ مان ڪئنال ڪڍڻ جي ڪڏهن به اجازت نه ڏيندي، لڳي ٿو ڄاڻي واڻي ملڪ ۾ پاڻي جي مسئلي تي انتشار پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي
ترجمان چيو ته صدر آصف علي زرداري به حڪومت کي واضح مشورو ڏنو آهي ته هو هن هڪ طرفي فيصلي تان پوئتي هٽي وڃي.
شازيا مري جو وڌيڪ چوڻ هو ته پ پ جيالا ۽ سپورٽر عوامي دشمن منصوبي جي خاتمي تائين وڙهندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.