ٺل (رپورٽر) ٺل ۾ وڌندڙ بدامني سبب وڌيڪ هڪ ھندو خاندان سنڌ امڙ کي ڇڏي ڀارت روانو ٿي ويو.
ھندو محلي واسي اشوڪ ڪمار پنھنجي گھرواري، ڌيءُ، پٽ ۽ گهر جي ٻين ڀاتين سوڌو سڏڪن ۽ سسڪين سان جنم ڀومي ڇڏي ھميشه لاءِ ڀارت روانو ٿي ويو.
ھندو خاندان موڪلائڻ وقت ڀاڪر پائي اکين ،ان لڙڪ لاڙي ويٺو، اشوڪ ڪمار چيو ته سنڌ منھنجي ماءُ آھي، پنھنجي ماءُ کان جدا ٿيڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، بدامني سبب مجبوري ۾ پنهنجي جنم ڀومي ڇڏيون ٿا.
You might also like