تلهار مان اغوا ٿيل هندو نينگري بازياب نه ٿي، امڙ پاران پاڻ ساڙڻ جو چتاءُ

بدين (رپورٽ: رازق ڏنو کوسو) تلهار مان اغوا ٿيل هندو نينگري هڪ مهينو گذرڻ باوجود بازياب نه ٿي سگهي ۽ سندس ماءُ پاڻ ساڙڻ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو.
مغوي نينگري جي امڙ مروان ڪولهي ايوان صحافت بدين ۾ پريس ڪانفرنس دوران اوڇنگارون ڏيندي چيو ته منهنجي نياڻي شريمتي بيني ڪولهي کي زمين تي گاھه ڪرڻ دوران هٿياربند هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري کڻي ويا ۽ احتجاج ڪرڻ تي پوليس ايف آءِ آر ته داخل ڪئي پر جوابدار گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.
هن الزام هنيو ته پوليس ايم پي اي جي ناٺي عطا محمد ٽالپر جي ونگار وهندي جوابدار گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، مان آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد، ايس ايس پي بدين کان مطالبو ٿي ڪيان ته سومر تائين نياڻي کي بازياب ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ ايس ايس پي آفيس آڏو پاڻ کي باهه ڏئي ڇڏينديس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.