ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪار جئه ديپ اهلاوت، مرحوم اداڪار عرفان خان سان ڀيٽڻ تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته اهڙي ڀيٽ کيس وڏي ذميواري ۽ هر وقت هوشيار رهڻ جو احساس ڏياري ٿو.
جئه ديپ اهلاوت 2010ع ۾ فلم ” ڪٽا ميٺا“ ۾ ناڪاري ڪردار ذريعي فلمي سفر شروع ڪيو، جنهن کان پوءِ هن رازي، رئيس، جاني جان، پاتال لوڪ ۽ مهاراج جهڙين فلمن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاري سڃاڻ قائم ڪئي.
هڪ انٽرويو دوران هن چيو ته عرفان خان سان ڀيٽ هڪ ذاتي احساس آهي، جيڪو مون تي وڏو بار آهي. جڏهن ماڻهو توهان کي عزت ۽ پيار ڏيندا آهن تڏهن اوهان جي ذميواري به وڌي ويندي آهي.
جئه ديپ اهلاوت جو چوڻ هو ته عرفان خان سئنما جي ورثي جو امين هو ۽ سندس ڪم عالمي سطح تي به مڃتا ماڻي چڪو آهي.
ادڪار وڌيڪ چيو ته سندس ڪوشش آهي ته هو هميشه چونڊيل ۽ اثرائتي ڪردارن لاءِ تيار رهي، ڇو ته ڏسندڙ کيس وڌيڪ بهتر ڪم لاءِ اتساهي رهيا آهن.
ياد رهي ته عرفان خان پنهنجي فني سفر دوران پان سنگھه تومر، دي لنچ باڪس، مقبول، پيڪو، نيو يارڪ، حيدر ۽ هندي ميڊيم جهڙين بلاڪ بسٽر فلمن سميت هالي ووڊ فلمن لائيف آف پائي، دي اميزنگ اسپائڊر مين، جراسڪ ورلڊ ۽ انفرنو ۾ به ڪم ڪيو.
عرفان خان 2020ع ۾ 53 ورهين جي عمر ۾ ڪولن انفڪشن سبب لاڏاڻو ڪري ويو هو.