ايران ۾ پاڪستانين جو قتل: هڪ سازش

تحرير: نديم علي خواجا

ڪجهه ڏينهن اڳ ميڊيا تي اها خبر هلي ته ايران جي سرحد تي 8 پاڪستانين کي قتل ڪيو ويو آھي، دهشتگردن جي هڪ گروپ پاڪستان مان ايران جي سرحد تي ڪم ڪندڙ مزدورن کي گولين جو نشانو بڻائي سولائي سان فرار ٿي ويا، مارجي ويل مزدورن جو تعلق صوبي پنجاب سان ٻڌايو پيو وڃي، اهي مزدور ايران جي سرحد جي هڪ شھر مهرستان کان ڪجهه ڪلو ميٽر جي فاصلي تي هيز آباد نالي هڪ ڳوٺ ۾ موجود هڪ آٽو ورڪشاپ اندر داخل ٿي 8 ملازمن کي گولين جو نشانو بڻايو، انهي کان اڳ به ايران جي صوبي سيستان ۾ 9 پاڪستاني مزدورن کي قتل ڪيو ويو هو، پاڪستان ۾ موجود ايراني سفارتڪار انهي واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي جلد قاتلن جي گرفتاري جو يقين پڻ ڏياريو آھي، جڏهن ته وزير اعظم پاڪستان ميان محمد شھباز شريف سميت پاڪستان جي اعلا اختيارين پڻ انهي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ايراني حڪومت کان تحقيقات جو مطالبو ڪندي مزدورن جي قتل ۾ ملوث دهشتگردن کي جلد از جلد پنهنجي انجام تائين پهچائڻ جو  پڻ مطالبو ڪيو آھي.

 اها هڪ حقيت  آھي ته پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ دهشتگردي جا واقعا ٿي رهيا آھن، ايران جي سرحد تي دهشتگردي جا اهي واقعا يقينن لسانيت جي بنياد تي ٿي رهيا آھن، هڪ مخصوص طبقي کي نشانو بڻايو پيو وڃي، پاڪستان مان هزارين ماڻهون روزگار جي لاءِ ٻين ملڪن ڏانهن ويندا آھن،جنهن جو خاص سبب اهو آھي ته هن ملڪ ۾ روزگار جي سهوليت نه آھي، پر گهر هلائڻ لاءِ پيسن جي ضرورت پوي ٿي، تنهنڪري ئي پاڪستان جي اڪثر علائقن مان ماڻهون ٻين ملڪن جو رخ ڪندا آھن، پر افسوس انهيءَ ڳالهه جو آھي ته روزگار جي تلاش ۾ ويندڙ نوجوانن جا لاش پنهنجن شھرن ۽ ڳوٺن ڏانهن موڪليا ويندا آھن، هاڻي ته گهر ڀاتي پڻ انهي خوف ۾ هوندا آھن ته سندن نوجوان روزگار جي لاءِ ملڪ کان ٻاهر وڃي ته رهيا آھن، پر يقين سان اهو نٿو چئي سگهجي ته هو واپس ايندا يا نه، اهڙي حالت ۾ گهر جا وڏا پنهجن نوجوانن کي پنهنجي ئي ملڪ ۽ علائقي ۾ روزگار ڪرڻ جي صلاح ڏيئڻ لڳا آھن، ايران ۽ پاڪستان جي سرحد سان گڏوگڏ افغانستان جي سرحد پڻ واقع آھي، جڏهن ته پاڪستان جي سرحد بلوچستان ۾ موجود آھي، پاڪستان جي مختلف علائقن مان ويندڙ ايراني زائرين کي بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ بيدردي سان شهيد ڪيو پيو وڃي، پر افسوس جو اڃان تائين اهو سلسلو جاري آهي، هاڻي ته روڊ ذريعي ايران زيارتن تي ويندڙ زائرين پنهنجو روڊ وارو سفر گهٽائي ڇڏيو آھي، جنهن وٽ پئسو آھي اهو جهاز ذريعي سفر ڪري رهيو آھي، هڪ خوف وارو ماحول پيدا ٿي ويو آھي.

 هتي صرف ايران ويندڙ مزدورن جو مسئلو نه آھي پر جيڪي شھري ايجنٽن جي فريب ۾ اچي روزگار لاءِ يورپ ويندا آھن، تن کي پڻ موت جي سمنڊ مان گذرڻو پوندو آھي، ڪيترائي پاڪستاني انهي سمنڊ ۾ ٻڏي ويندا آھن، جن جا لاش پڻ مائيٽن تائين نه پهچندا آھن، اها پڻ وڏي دهشتگردي آھي، هر هڪ شهري هڪ بهترين پاڪستاني آھي، چاهي هن جو تعلق ملڪ جي ڪنهن به صوبي سان ڇو نه هجي، پاڪستاني حڪومت جو اهو فرض آھي ته هو پنهنجي ئي ملڪ اندر روزگار جا بهتر موقعا پيدا ڪري ته جيئن پرڏيھ ويندڙ مزدورن کي ٻين ملڪن ڏانهن وڃڻو نه پوي، جيڪڏهن پاڪستان مان مزدور ٻين ملڪن ۾ وڃن ٿا ته انهن جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي، دهشتگردي جو شڪار مزدورن جي وارثن جي هر ممڪن مالي مدد ڪئي وڃي، ڇوته اهي مزدور گهر جو واحد سهارو هوندا آھن، جيڪي پنهنجي گهر ۽ ٻارن جي بهتر زندگي لاءِ ٻين ملڪن ۾ روزگار لاءِ ويندا آھن، ايران جي سرحد تي جيڪو به ٿيو آھي اهو يقينن هڪ ناقابل برداشت ۽ ناقابل عمل آھي، ايران حڪومت تي اهو فرض ٿئي ٿو ته هو اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ خاص اپاءُ وٺي ۽ روزگار لاءِ ايندڙ غير ملڪين کي مڪمل تحفظ ڏي.

 ايران پاڪستان جو بهترين دوست رهيو آھي، اهڙا واقعا هڪ سازش تحت ٿي رهيا آھن، ته جئين پاڪستان ۽ ايران ۾ ڇڪتاڻ پيدا ڪري سگهجي ۽ پاڪستاني عوام جي دلين ۾ ايران لاءِ نفرت پيدا ڪري سگهجي، پر پاڪستاني عوام دهشتگردن جي اهڙن ناپاڪ منصوبن کا چگي طرح سمجهي ٿي، ۽ اهڙن منصوبن کي هميشه وانگر ناڪام بڻائيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.