لڄالٽ جو منظر فلمائڻ دوران جسم ٿڙڪڻ لڳو، ذهني طور ڌڏي وئي هيس: ديا مرزا

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي سينيئر اداڪارا ديا مرزا انڪشاف ڪيو آهي ته ڪجهه سال اڳ ٽي وي سيريز ”ڪافر“ جي شوٽنگ دوران لڄالٽ واري منظر جي شوٽنگ دوران هوءَ جذباتي طور ايتري تي متاثر ٿي جو سندس طبيعت بگڙجي وئي، الٽي کانپوءِ جسم ڪنبڻ لڳو هو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، هڪ انٽرويو ۾ ديا مرزا ٻڌايو ته 6 سال اڳ رليز ٿيل ڊرامي ”ڪافر“ جي شوٽنگ دوران جڏهن ريپ جو منظر فلمايو پئي ويو، تڏهن هوءَ سخت پريشانيءَ جو شڪار ٿي وئي هئي.
هن ٻڌايو ته ان لمحي ۾ کيس اُهي سڀ محسوس ٿيو، جيڪي عام طور تي عورتون ڳورهاري ٿيڻ کانپوءِ محسوس ٿيندو آهي.
اداڪارا جو چوڻ هو ته منظر جي عڪسبندي وقت هوءَ ڏڪي رهي هئي ۽ ذهني طور مُنجهي پئي هئي.
ديا مرزا ان منظر بابت چيو ته ريپ انساني بيوسي جو سخت ترين لمحو هوندو آهي، جنهن ۾ ڪنهن عورت جي جسم کي چچريو ويندو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته حقيقت ۾ ماءُ بڻجڻ کان ڪيئي ورهيه اڳ هن اهو احساس ان منظر جي عڪاسي دوران ئي محسوس ڪيو هو.
ياد رهي ته ”ڪافر“ سيريز کي شروعاتي طور 2019ع ۾ ٽي وي ڊرامي جي صورت ۾ پيش ڪيو ويو هو، جيڪو هاڻي 6 سال بعد او ٽي ٽي پليٽفارم ”زي فائيو“تي فلم جي صورت ۾ ٻيهر پيش ڪيو ويو آهي.
ڊرامي ۾ ديا مرزا پاڪستاني عورت شهناز پروين جو ڪردار ادا ڪيو آهي، جيڪا هڪ حقيقي واقعي تي آڌاريل ڪهاڻي آهي.
رپورٽن موجب، شهناز پروين 1995ع ۾ آزاد ڪشمير ۾ درياهه ۾ ٽپو ڏئي ڀارت پهتي هئي، جتي کيس پوليس گرفتار ڪري جيل موڪلي ڇڏيو.
جتي پوليس جي هڪ اهلڪار محمد دين کيس لڄالت جو نشانو بڻايو، جنهن سبب هوءَ ڳورهاري ٿي، ان کانپوءِهڪ نياڻي کي جنم ڏنو.
شهناز پروين 8 سال ڀارت جي قيد ۾ رهي ۽ 2003ع ۾ واگها بارڊر ذريعي پنهنجي ڌيءُ سان گڏ پاڪستان موٽي آئي.
”ڪافر“ جي ڪاميابي کان پوءِ هن کي فلمي شڪل ۾ پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جنهن ۾ ديا مرزا جي اداڪاري کي تمام گهڻي واکاڻ ٿي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.