واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي رياست ڪيليفورنيا ۾ آيل زلزلي دوران هڪ چڙيا گهر ۾ هاٿين پنهنجي تحفظ لاءِ حيرت انگيز قدم کنيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي رياست ڪيليفورنيا جي علائقي سان ڊياگو ڪائونٽي ۾ ٻه ڏينهن اڳ 5.2 شدت جو زلزلو آيو هو، ان زلزلي سبب جتي ماڻهن ۾ خوف هراس پکڙجي ويو، اتي ئي زلزلي دوران چريا گهر ۾ هاٿين جي عجيب حرڪت سڀني کي دنگ ڪري ڇڏيو.
سان ڊياگو جي هڪ چڙيا گهر مان هاٿين جي ٽولي جي هڪ وڊيو شيئر ڪئي وئي، جنهن ۾ زلزلي اچڻ دوران جانورن جو انوکو رويو ڏٺو ويو.
وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته زلزلي سبب جيئن ئي زمين لڏي ٿي ته ان وقت چڙيا گهر ۾ موجود آفريقي هاٿي هڪ دائرو ٺاهي بيهي ٿا رهن.
هاٿين جو اهو ٽولو تقريبن 4 منٽن تائين دائرو ٺاهي بيهي رهيو ۽ زلزلي جا لوڏا ختم ٿيڻ کانپوءِ معمولي سرگرميون شروع ڪيون.
چڙيا گهر جي ترجمان ايملي سيننگر موجب ان رويي کي ”الرٽ سرڪل“ جو نالو ڏنو ويندو آهي ۽ ان جو مقصد ننڍن هاٿين سميت سموري ٽولي کي خطرن کان بچائڻ هوندو آهي.
ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته هاٿي پنهنجي پيرن سان زلزلي جو آواز محسوس ڪري سگهن ٿا.
You might also like