حيدرآباد(رپورٽر)سنڌ ساگر پارٽي(مرڪز) جي سڏ تي،”گرين پاڪستان انيشيٽو“ جي منصوبي تحت، سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين عسڪري ادارن ۽ ڌارين آبادڪارن جي حوالي ڪرڻ ۽ سنڌو درياھ تي نوان ڊيم ۽ ڪئنالاڏڻ خلاف پريس ڪلب حيدرآباد اڳيان هڪ ڏينهن جي علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. ان دوران سياسي، سماجي ڪارڪنن، ساڃاھ وندن، وڪيلن، توڻي شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري،”سنڌ جي زمين ۽ وسيلن تي والار نامنظور“، ”سنڌو درياھ تي ڊيم ۽ ڪئنال نامنظور“ ۽ ”سنڌ ۾ ڌاريا نامنظور“ جا نعرا هڻي سخت احتجاج ڪيو. سنڌ ساگر پارٽيءَ جي مرڪزي صدر منصور جکڙ، مرڪزي اڳواڻ اڪبر ڀرڳڙي، سارنگ مھر، عبدالجبار مڱريي، نديم ڪلهوڙي، مسرور ابڙي، جيئي سنڌ محاذ جي وائيس چيئرمين پروفيسر امير چانڊيي، ايڊووڪيٽ پرڀات چانڊيي، خالد جوڻيجي، سنڌ هاري ڪاميٽي جي اڳواڻ ايم ايس ڀرڳڙي، قومي دانشور حسين بخش ٿيٻي، وطن دوست اديب تاج جويي، سنڌ عوامي ورڪرس پارٽي جي اڳواڻ بخشل ٿلهي، علي نواز نظاماڻي، جيئي سنڌ قومي محاذ جي مرڪزي اڳواڻ ديدار شام، سنڌ يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي مرڪزي آرگنائيزر حمزه علي چانڊيي، سنڌ سجاڳي فورم جي مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ محب آزاد لغاري، جاکوڙي سنڌياڻي نظير قريشي، زيب نظاماڻي، ڪميونسٽ پارٽيءَ جي اڳواڻ ڪامريڊ اقبال، جيئي سنڌ محاذ جي اڳواڻ راهول چانڊيو، ناميارن اديبن احساس ميرل، يوسف سنڌي، سليم چنا، خوشحالداس ڪالاڻي، اصغر باغي، ايم ظفر تڳر، استاد راهي، قومي راڳي عمران سنڌي، خيال کتري، سماجي اڳواڻ ڪريم بخش سهارڻ، ايڊووڪيٽ ذوالفقار ٿيٻي، ايڊووڪيٽ اسلم لغاري، استاد اڳواڻ پروفيسر سجاد حيدر لغاري، پروفيسر انور منصور مڱريي، ممتاز ملاح، وقار عباسي ۽ ٻين سياسي، سماجي اڳواڻن ۽ ساڃاھ وندن چيو ته سنڌ، سنڌي قوم جو قومي ٻولي، تاريخ، شاهڪار تهذيب ۽ سگهاري معيشت رکندڙ تاريخي وطن آهي، پر هن ملڪ اندر گذريل اٺهتر سالن کان مذهب، جمهوريت ۽ آئين جي نالي تي سنڌ کي بيٺڪيتي ڪالونيءَ طور هلايو پيو وڃي. سنڌ کان سمنڊ، تيل، گئس، ڪوئلي ۽ پاڻيءَ سوڌو جياپي جا سمورا وسيلا کسي، شاهوڪار سنڌ جي ڌڻين کي غلاميءَ ۾ ڌڪي، غربت جي لڪير هيٺ رهڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي. هاڻي رياست جو گرين پاڪستان انيشيٽو جو منصوبو سنڌ تي گهڻ طرفو حملو ۽ سنڌ کي ننڍي کنڊ جو فلسطين بڻائڻ جي سازش آهي،هنن چيو ته سنڌو درياھ تي نوان ڊيم ۽ ڪئنال اڏجڻ کان پوءِ سنڌ بنجر ٿي ويندي، زمين جو جر سڪي ويندو، سنڌ جي زراعت ختم ٿي ويندي، انڊس ڊيلٽا تباھ ٿي ويندي ۽ ٺٽي، بدين ۽ سجاول ضلعي کي سمنڊ ڳهي ويندو سنڌ جي زمين ۽ درياھ جو فيصلو سنڌي قوم جي عوامي عدالت ۾ ٿي چڪو آهي. سنڌ جا ماڻهو رياستي عدالتن ۽ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي فيصلي جا پابند ناهن. احتجاجي ڪئمپ جي پڄاڻيءَ تي 13 اپريل 1919ع ۾ هندستاني پنجاب جي شهر امرتسر جليانوالا باغ ۾ جنرل ريجينلڊ ڊائر جي ھٿان شهيد ٿيل 1000 آزادي پسندن ۽ 1500 زخمين کي ميڻ بتيون ٻاري ڀيٽا پيش ڪئي وئي ۽ سندن وطن دوست ڪردار کي ساراهيو ويو.