ڪئنالن خلاف سڀاڻي ٻٻرلوءِ ۾ ڌرڻو، رٿا رد ڪرائي اينداسين\وڪيل اڳواڻ

ڪراچي( رپورٽر) وڪيلن ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڇهه ڪئنال ڪڍڻ خلاف سڀاڻي ٻٻرلوءِ وٽ ڌرڻي جو اعلان ڪيو آهي، ان سلسلي ۾ اڄ ڪراچي کان قافلو روانو ٿيندو. ان سلسلي ۾ ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ  پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته 12 اپريل تي ڪنويشن ۾ ڪينالن واري فيصلي کي واپس وٺڻ لا۽ 72 ڪلاڪن الٽيميٽم ڏنو هيو. پيڪا ايڪٽ ۽ 26هين آئيني ترميم خلاف به الٽيميٽم ڏنو هيو، پر وفاقي حڪومت هن مهل تائين ڪو به اعلان ناهي ڪيو .صدر پاڪستان ڪينالن جو نوٽيفڪشن تي صحي ڪئي ۽ هاڻ وري پ پ سنڌ ۾ احتجاج ڪري رهيا آهن. ڪراچي بار جي صدر  عامر نواز وڙائچ چيو ته ڇهن ڪينالن واري معاملي تي سنڌ جي عوام سخت بيچيني واري صورتحال آهن ،مسلسل احتجاجن ۽ ڌرڻن باوجود به وفاقي حڪومت هٺ ڌرمي تي قائم آهي. سنڌو ۾ اڳ ۾ ئي پاڻي جي سخت کوٽ آهي, جنهن سبب ڪراچي ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آهي .اسان سنڌ جي ڪوڙين عوام جي حقن جي ڳالهه ڪريون ٿا, ان دوران اسان تي حملا به ٿيا.هاڻ سمورا وڪيل هڪ پيج تي آهن , اسان جو ڌرڻو پر امن هوندو , پر امن ئي رهڻ ڏنو وڃي.عامروڙائچ چيو ته اڄ  ريلي جي صورت ۾ ٻٻرلو۽ وٽ ڌرڻو هنيو ويندو. ڌرڻي تان ان وقت تائين نه اٿنداسين جيستائين مطالبا نه مڃيا ويندا. جونيئر ذوالفقار, پير پاڳاري, زين شاهه، قوم پرستن ۽ ٻين ڌرڻي جي حمايت ڪئي آهي. هن چيو ته اسان پ پ , ايم ڪيو ايم ۽ ن ليگ کي ڌرڻي ۾ شرڪت لا۽ ناهي چيو. حيدرآباد بار جي صدر اشعر مجيد کوکر چيو ته  ڪينال, 26 هين ترمييم ۽ پيڪا ايڪٽ وارا فيصلا ختم ڪيا وڃن . پنجاب ۾ پاڻي جي 15 سيڪڙو کوٽ آهي ته سنڌ ۾ 45 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ آهي. ملير بار جي جنرل سيڪريٽري  ايازچانڊيو چيو ته اسين ڊيمن ۽ ڪينالن خلاف آهيون. آباد زمين کي بنجر ڪري بنجر زمين کي آباد ڪرڻ جي خلاف آهيون. ڪارپوريٽ فارمنگ واري زمين واپس هارين کي ڏني وڃي. سنڌهاءِ ڪورٽ جي صدر سرفراز ميتلو چيو ته ٻٻرلوءِ ۽ شڪارپور باءِ پاس تي ڌرڻو هنيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.