مستونگ (م ڊ) بلوچستان نيشنل پارٽي (مينگل) پاران مستونگ جي علائقي لڪپاس تي 20 ڏينهن کان جاري ڌرڻو ختم ڪرڻ جواعلان ڪري ڇڏيو. بي اين پي (مينگل) پنهنجي سياسي تحريڪ کي نئونرخ ڏيڻ جو فيصلو ڪندي مستونگ جي لڪپاس واري علائقي ۾ 20 ڏينهن کان جاري ڌرڻي جي خاتمي جو اعلان ڪيو آهي. پارٽي سربراهه سردار اختر مينگل چيو آهي ته عوام کي درپيش مسئلن کي نظر ۾ رکندي جماعت هاڻي ڌرڻي بدران بلوچستان جي مختلف ضلعن ۾ احتجاجي ريليون ڪڍندي. هن چيو ته احتجاجي تحريڪ ختم نه ٿي آهي، پر ان کي نئين انداز سان اڳتي وڌايو پيو وڃي، پارٽي جي ايندڙ جي حڪمت عملي طئي ڪرڻ لاءِ 18 اپريل تي ڪوئيٽا ۾ بي اين پي جي مرڪزي ڪابينا جو اجلاس سڏايو ويو آهي، جتي مستقبل جي حڪمت عملي بابت مشاورت ڪئي ويندي. سردار اختر مينگل اعلان ڪيو ته ڌرڻي جي خاتمي کانپوءِ جماعت نئين مرحلي ۾ احتجاجي جلسن جو سلسلو شروع ڪري رهي آهي، جيڪو ٽن مرحلن تي ٻڌل هوندو. بي اين پي سربراهه جو چوڻ هو ته رياست پاران سندن پرامن لانگ مارچ ۾ رنڊڪون کڙيون ڪيون ويون، ٻين جماعتن کي احتجاج جي اجازت آهي، پر بي اين پي کي احتجاج جو حق به نه ٿو ڏنو وڃي. هن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ” ڪشمير لاءِ احتجاج جي اجازت آهي، پر اسان لاءِ نه آهي.“ هن چيو ته هن ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ ۽ ادارا ڪڏهن به نٿا چاهين ته بلوچستان جا مسئلا پرامن طريقي سان حل ٿين ڇاڪاڻ ته اهي بلوچستان جي مسئلن کي برقرار رکڻ مان فائدو حاصل ڪري رهيا آهن. اختر مينگل چيو ته، ”هتي ڪا به اهڙي حڪومت ناهي جنهن تي ماڻهو اميدون رکي سگهن.“ هن چيو ته، "جيڪڏهن اسان کي ڪوئيٽا وڃڻ جي اجازت نه ڏني وئي ته اسان پنهنجو احتجاج ٻئي شڪل ۾ جاري رکنداسين.” ياد رهي ته ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ ۽ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي سان واسطو رکندڙ عورت اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي آزادي لاءِ 28 مارچ تي بي اين پي جي سڏ تي وڍ مان لانگ مارچ شروع ڪيو ويو هو، جنهن کي خضدار کان ڪوئيٽا ڏانهن وڌڻ جي اجازت نه ملي، ان کانپوءِ احتجاج ڪندڙ مستونگ جي علائقي لڪپاس وٽ ڌرڻو هڻي ويهي رهيا.