ٽي پي ڪئنال کولڻ غيرذميواراڻو عمل، ڪئنال رٿا ختم ٿيڻ تائين خاموش نه ويهنداسين:وڏو وزير

ڪراچي/ملير/کوکراپار (رپورٽر+ نمائندا) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٽي پي لنڪ ڪينال کولڻ واري فيصلي تي پنجاب حڪومت کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو، جنهن تي سنڌ اڳ ئي اعتراضڪري چڪو آهي. هن چيو ته اسان هن وقت پاڻي جي 50 سيڪڙو کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهيون، ان صورتحال ۾ ٽي پي لنڪ ڪينال کولڻ هڪ غير ذميواراڻو قدم آهي. مراد علي شاهه چيو ته پنجاب پنهنجي پوزيشن کي ڪمزور پيو ڪري جڏهن ته سنڌ جو ڪيس مضبوط ٿي رهيو آهي. اسان تيستائين خاموش نه ويهنداسين جيستائين ڪينال منصوبو بند ڪرڻ جو باقاعده اعلان نٿو ڪيو وڃي. هن اها ڳالهه ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز ۾  ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي جتي هن  ڪمپريهينسو  ڪينسر سينٽر ۽ گرلز هاسٽل جو افتتاح ڪيو . تقريب ۾ چيئرمين ايڇ اي سي سنڌ پروفيسر طارق رفيع، ڊائو يونيورسٽي جو وي سي ڊاڪٽر سعيد قريشي، طبي ماهرن، صوبائي سيڪريٽرين، سرڪاري اهلڪارن ۽ ٻين شرڪت ڪئي. هن چيو ته   سنڌ جي ماڻهن لاءِ هڪ تاريخي ڏينهن آهي. هي ڪينسر سينٽر ان مريضن لاءِ وڏي مدد فراهم ڪندو جيڪي هن خطرناڪ بيماري سان وڙهي رهيا آهن. وڏي وزير سهولت ۾ وڌيڪ ٽي جديد مشينن لڳائڻ جو اعلان ڪيو ۽ خيرخواهن ۽ خانگي شعبي کي اپيل ڪئي ته هو اڳيان اچن ۽ هن نيڪ مقصد ۾ پنهنجو حصو وجهن.هي مرڪز ريڊيشن آنڪولوجي، ميڊيڪل آنڪولوجي، ۽ نيوڪليئر ميڊيسن ٿيرانوستڪس جي جديد شعبن سان ليس آهي ۽ ان سان گڏ جديد تحقيق ۽ تدريس جي سهولتون پڻ موجود آهن. علاج، تعلیم ۽ تحقيق جو هي جوڙ ملڪ جي سڀ کان جامع ڪينسر ادارن ۾ شامل ڪري ٿو. هوڏانهن  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ضياءالدين يونيورسٽي جي ڪنووڪيشن 2025 ۾ بطور مهمان خاص خطاب ڪندي اداري جي شاندار سفر جي واکاڻ ڪئي ۽ پڙهي نڪرندڙ شاگردن کي علمي ڪاميابين ۽ مستقبل لاءِ مبارڪباد ڏني. هي تقريب ايجوڪيشن سٽي ڪيمپس لنڪ روڊ تي منعقد ڪئي وئي. هن موقعي تي چانسلر ڊاڪٽر عاصم حسين، پرو چانسلر ڊاڪٽر ندا حسين، سي اي او ڊاڪٽر عماد حسين، وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر عباس ظفر، معزز فيڪلٽي، بورڊ جا ميمبر، شاگردن جا گهرڀاتي ۽ گريجوئيٽ شاگرد موجود هئا  هن چيو ته هي ڏينهن رڳو علمي ڪاميابي جو ناهي پر توهان مان هر هڪ جي ثابت قدم ۽ محبت جو پڻ اعتراف آهي، جڏهن توهان اڳتي وڌو ته توهان جو مقصد وڏو هجي، توهان جا ٽارگيٽ وڏا هجن ۽ توهان جي سوچ وڏي هجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.