پاڻي ۽ وسيلن جا فيصلا اسيمبلي کان ٻاهر ٿيا ته 18هين ترميم اهميت وڃائي ويهندي:زين شاهه

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ جي صدر سيد زين شاهه چيو آهي ته ملڪ مٿان نئين شڪل ۾ ون يونٽ مڙهي، سنڌو درياهه مان زبردستي 6 نوان ڪينال ڪڍ ڻ وارن منصوبن سان گڏ  سنڌ جي ھڪ لک 90 هزار ايڪڙ زمين ڪارپوريٽ فارمنگ حوالي ڪئي پئي وڃي، جيڪڏهن سنڌو درياهه جي پاڻي ۽  قدرتي وسيلن جا فيصلا لاڳاپيل فورمن ۽ اسيمبلي کان ٻاهر ڪيا ويا ته سي سي آءِ ۽ 18هين ترميم پنهنجي اهميت وڃائيويهندي. ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته ايس آءِ ايف سي جي شڪل ۾ وفاق ۾ شامل صوبن جي ملڪيتن ۽ قدرتي وسيلن تي قبضو ڪيو پيو وڃي، ڪمپني سرڪار جي اهڙن فيصلن سان ملڪ اندر وڏي تباهي ايندي، ان قسم جا فيصلا دراصل فيڊريشن جي تصور خلاف آهن. هن چيو ته 8 مهينن جي لڳاتار عوامي جدوجهد کان پوءِ پاڪستان پيپلز پارٽي دٻاءَ ۾ اچي ڪينالن خلاف ڳالهائي رهي آهيهن چيو ته جيڪڏهن هو عوام جي پاسي بيٺل آهن ته کين 8 جولاءِ وارو صدارتي فيصلو واپس وٺڻ گهرجي، سنڌ جو وڏو وزير سنڌ جي 52 هزار ايڪڙ زمين ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڏئي چڪو آهي، پر دراصل اها زمين هڪ لک 90 ھزار ايڪڙ آهي. هن چيو ته اربين روپيا خرچ ڪري اسلام آباد ۾ ايس آءِ ايف سي ڪانفرنس گهرائي وئي. هن چيو ته اسان ڪينالن جو فيصلو واپس وٺڻ تائين جدوجهد جي ميدان ۾ هونداسين، 19 اپريل تي شهيد هوش محمد پل کان باءِ پاس حيدرآباد تائين ريلي ڪڍي ويندي، 20 اپريل تي ڪراچي ۾ مختلف جماعتن جي يڪجهتي ڪنسرڊ سٽيزن الائينس، 22 اپريل تي ڪراچي ۾ شاگردن جي احتجاج ۽ 26 اپريل تي لاڙڪاڻي کان قمبر تائين ريلي ڪڍي  احتجاجي جلسو ڪيو ويندو. اسين حڪمرانن کي ڪينالن جي رٿا ختم ڪرڻ تي مجبور ڪنداسين. پريس ڪانفرنس ۾ مرڪزي اڳواڻ روشن ٻرڙو، رمضان ٻرڙو، امير علي ٿيٻو، سمي چانڊيو ۽ هنج راج پڻ موجود هئا.17

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.