سنڌو درياهه تي ڪئنالن خلاف عالمي عدالت ۾ وينداسين: شھاب اوستو

ڪراچي اوڀر(رپورٽ:آزاد نوناري)سنڌ جي سول سوسائٽي پاران شھيد بينظير ڀٽو لائبريري سچل ڳوٺ ۾ هڪ پروگرام ٿي گذريو.پروگرام کي خطاب ڪندي مشھور قانوندان ۽ وڪيل اڳواڻ شھاب اوستي چيو ته سنڌو درياهه تي ٺھندڙ ڪئنالن خلاف عالمي عدالت ۾ وينداسين. هن چيو ته درياهه تي ٺھندڙ بدنام رٿا خلاف ايندڙ آچر ڏينهن تي فريئر ھال کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي ويندي،پروفيسر محمد سليم ميمڻ چيو ته ڪئنالن واري رٿا اسان جي زندگي ۽ موت جو سوال آهي.ڊاڪٽر شير مھراڻي خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياهه اسان جو ساھ آهي ان جي ھر صورت حفاظت ڪنداسين. هن چيو ته افسوس جي ڳالهه اها آهي ته لکين ايڪڙ آباد زمينن جا مالڪ درياھ تي لڳندڙ ڌاڙي تي خاموش آهن، جڏهن ته وڪيل، اديب، استاد، شاگرد، شاعر ۽ عام ماڻهو ڪئنالن خلاف جنگ وڙهي رهيا آهن. سچل سوشل ويلفيئر جي روح روان وهاب سومري چيو ته اسان شھاب اوستي، پروفيسر سليم ميمڻ ۽ ٻين دوستن جا ٿورائتا آهيون جيڪي ڪئنالن خلاف پاڻ پتوڙي رهيا آهن، هن چيو ته اسان ڪئنالن خلاف نڪرندڙ ريلي ۾ ڀرپور شرڪت ڪنداسين. تاريخدان عنايت کٽياڻ چيو ته اسان هر حال ۾ ڪئنالن جي مخالفت ڪنداسين. پروگرام ۾ ڊاڪٽر قدير ڪانڌڙي، ڊاڪٽر جاويد شيخ، غلام مصطفيٰ هاشماڻي، وحيد محسن، ڊاڪٽر ضياء ابڙي، انجنيئر زبير ڪلوڙ، سجاد ظهير سان گڏ شاگردن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.