ڪراچي (رپورٽر)جڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي جج شهزاد خواجا جي عدالت ۾ مصطفي عامر قتل ڪيس ۾ ڪامران قريشيجي خلاف غير قانوني هٿيار۽ منيشات واري ڪيس ۾ پوليس جوابدار کي عدالت ۾ پيش ڪيو، جاچ آفيسر عبوري چالان پيش ڪيو، عدالت حتمي چالان جمع ڪرائڻ لاءِ 5ڏينهن جي مهلت ڏئي ڇڏي، چالان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جوابدارکان هڪ 9ايم ايم پستول، 2پاسپورٽ،2شاختي ڪارڊ، 3ڊرائيورلائنسس ۽ 4 اي ٽي ايم ڪارڊ مليا آهن ،هڪ پاسپورٽ ارمغان جي نالي جو آهي، 5موبائل فون ۽ ٻه هزار روڪ رقم به ملي آهي، جوابدار کان هٿيار جو لائنسس گهرايو جيڪي پيش نه ڪيو آهي، فرائزڪ جي رپورٽ کان پوءِ حتمي چالان پيش ڪيو ويندو.