ڪراچيءَ جي شام جا ڪاليج ۽ انهن جو تاريخي پس منظر

تحرير؛ پروفيسر نعيم خالد

1947ع کان اڳ، جيتوڻيڪ ڪراچيءَ ۾ ڪيترائي تعليمي ادارا موجود هئا، پر انهن مان اڪثر مشنري اسڪول هئا، جڏهن ته ڪاليجن جو انگ نهايت محدود هو. پاڪستان جي قيام کان اڳ ڊي.جي. سائنس ڪاليج، ايس. ايم. ڪاليج، بسنت سنگھ آشومل ڪاليج آف ڪامرس اينڊ اڪنامڪس (جنهن کي هاڻي گورنمينٽ ڪاليج آف ڪامرس اينڊ اڪنامڪس چيو وڃي ٿو ۽ جيڪو 1948ع ۾ ئي سرڪاري تحويل ۾ ورتو ويو هو) شامل هئا.

ڪراچي جي تيزيءَ سان وڌندڙ آباديءَ سبب هتي وڌيڪ ڪاليجن جو قيام لازمي ٿي پيو. ان ڪري، سڀ کان پهرين 1949ع ۾ باباءِ اردو مولوي عبد الحق اردو ڪاليج قائم ڪيو. اهو شهر جو پهريون ڪاليج هو جتي شام جا ڪلاس (ايوننگ ڪلاسون) شروع ڪيا ويا.پوءِ پنجاهه واري ڏهاڪي ۾ ڪيترائي ڪاليج قائم ٿيا، جن ۾ اهم ترين جناح ڪاليج، گورنمينٽ ڪاليج فار مين ناظم آباد، جامع مليه ڪاليج ملير، ڪاليج فار ٽيچر ٽريننگ (موجوده ڪاليج آف ايجوڪيشن)، گورنمينٽ ڪاليج فار وومين شارعِ لياقت، سر سيد گرلز ڪاليج، خاتونِ پاڪستان ڪاليج، رعنا لياقت علي خان ڪاليج آف هوم اڪنامڪس، سينٽ جوزف ۽ سينٽ پيٽرڪ شامل آهن.

1960ع جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان ۾ صنعتي انقلاب آيو، جنهن سبب ملڪ جي مختلف حصن مان ماڻهو روزگار جي تلاش ۾ ڪراچي اچڻ لڳا. ان وقت ڪيترائي نجي تعليمي ادارا قائم ٿيا، ۽ انهن سڀني ۾ صبح سان گڏ شام جا ڪلاس به هلڻ لڳا. ان وقت انهن کي "نائٽ ڪاليج” چيو ويندو هو، جن جا وقت شام 5 وڳي کان رات 9 وڳي تائين هوندا هئا.

اُهو وقت ياد ڪرڻ جهڙو آهي، جڏهن شام جي ڪاليجن ۾ حاضري صبح کان وڌيڪ هوندي هئي. اکين کان ڏسندڙ چون ٿا، ته اسلاميه ڪاليج جي سامهون سائيڪلن جو وڏو اسٽينڊ هوندو هو، جتي بيشمار سائيڪلون بيهنديون هيون، جن تي ٽفن لٽڪيل هوندو هو.موجوده دور ۾، يعني 2025ع ۾ ڪراچيءَ ۾ کل 17 شام جا ڪاليج موجود آهن. انهن مان 12 ڪاليج اهي آهن، جن کي 1 سيپٽمبر 1972ع تي پرائيويٽ مان سرڪاري تحويل ۾ ورتو ويو. انهن ۾ اسلاميه ڪاليج، ايس. ايم. آرٽس اينڊ ڪامرس ڪاليج، عائشه باواني ڪاليج، سراج الدوله ڪاليج، پريميئر ڪاليج، سٽي ڪاليج، لياقت ڪاليج ملير، جامع مليه ڪاليج ملير، نيشنل ڪاليج، حاجي عبدالله هارون ڪاليج لياقت آباد، قائد ملت ڪاليج، ۽ علامه اقبال ڪاليج اسٽار گيٽ شامل آهن. علامه اقبال ڪاليج اهو واحد ڪاليج هو، جتي ٽن شفٽن (صبح، منجھند، شام) ۾ پڙهائي هلندي هئي.

نبي باغ ڪاليج جي باني خواجه آشڪار حسين صاحب جي پٽن ۽ ڪجهه دستاويزن مطابق، 1972ع کان اڳ به نبي باغ ڪاليج ۾ شام جون ڪلاسون هلنديون هيون. قائد ملت ڪاليج اهو واحد ڪاليج هو، جيڪو ابتدا کان ئي شام جو ڪاليج رهيو. ياد رهي، ته سينٽ پيٽرڪ ايوننگ ڪاليج به سرڪاري ڪاليج هو، جنهن کي 2005ع ۾ رومن ڪيٿولڪ بورڊ ڏانهن واپس ڪيو ويو.

1990 ۽ 1991ع ۾ ان وقت جي سنڌ جي تعليم واري وزير جناب ايم. اي. جليل صاحب، شهر جي چار سرڪاري ڪاليجن ۾ شام جون ڪلاسون شروع ڪرايون. انهن ۾ گورنمينٽ ڪاليج آف ڪامرس اينڊ اڪنامڪس، گورنمينٽ بوائز ڪاليج ڪورنگي 6، سپريئر ڪاليج شاهه فيصل ڪالوني، ۽ ڊگري سائنس ڪاليج ملير شامل هئا.

2006ع ۾ سٽي ناظم نعمت الله خان، گورنمينٽ ڊگري بوائز ڪاليج گلستانِ جوهر ۾ ايوننگ ڪاليج قائم ڪيو. (ياد رهي ته 2001ع کان 2006ع تائين ڪاليجن جو انتظام سٽي ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ وٽ هو.) ان کانپوءِ اڄ تائين ڪراچيءَ ۾ ڪو به نئون شام جو ڪاليج قائم نه ٿيو آهي.هڪ اهم حقيقت پڙهندڙن لاءِ اها آهي ،ته شام جا ڪاليج هميشه صبح جي پرنسپل جي ماتحت هوندا هئا، ۽ شام جي ڪاليج جو ذميوار “ايوننگ انچارج” سڏبو هو. عمارت ۽ فنڊ جي ورهاست سبب ڪيترن ئي مسئلن جو منهن ڏسڻو پوندو هو. ان پسمنظر ۾، ڪجهه اهم شخصيتن جي ڪوششن، جيئن ته اڳوڻي تعليم واري نگران وزير (1996ع) پروفيسر انيتا غلام علي، پروفيسر رئيس علوي، ۽ ان وقت جي علامه اقبال ڪاليج جي پرنسپل ميڊم نوشابهه صديقي جي جدوجهد سان، 16 آگسٽ 2000ع تي شهر جي سڀني شام جي ڪاليجن کي “انڊيپنڊنٽ ڪاليج” جو درجو ڏنو ويو. انهن جو اسٽيٽس شام مان تبديل ڪري “ڪاليج نمبر 2” ڪيو ويو. انهن جا مالي اختيار (DDO Power) به الڳ ڪيا ويا، ۽ ايوننگ انچارج کي مڪمل پرنسپل جو درجو ڏنو ويو.شام جي ڪاليجن جا وقت هميشه شام 5 کان 9 وڳي تائين رهيا، پر 1996ع ۾ شهر ۾ بدترين لوڊشيڊنگ سبب اهي وقت شام 4 کان رات 8 وڳي تائين ڪيا ويا. موجوده دور ۾ وقت 2:30 منجهند کان 5:45 شام تائين مقرر ٿيل آهي.

شام جي ڪاليجن ۾ هميشه آرٽس ۽ ڪامرس جا شعبا رهيا، پر 2022ع ۾ جامع مليه شام ۽ لياقت ڪاليج ملير شام ۾ ڪمپيوٽر سائنس جون ڪلاسون به شروع ڪيون ويون.ايوننگ ڪاليجن جي غير مؤثر ڪارڪردگيءَ سبب، ڪيترائي ڀيرا سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي  پاران انهن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪميٽيون جوڙيون ويون. 2012ع ۾ گورنمينٽ ڊگري سائنس ڪاليج لياقت آباد جي شهيد پرنسپل، پروفيسر سبط جعفر جي سربراهيءَ ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي وئي، جنهن ۾ نينشنل ڪاليج جي ان وقت جي پرنسپل پروفيسر وسيم عادل، پريميئر ڪاليج جي پرنسپل پروفيسر مدثر ڪمال، ۽ ڪيترائي سينيئر استاد شامل هئا.پر 18 مارچ 2013ع تي، پروفيسر سبط جعفر صاحب کي ڊگري سائنس ڪاليج لياقت آباد جي گيٽ تي گولي هڻي شهيد ڪيو ويو، جنهن بعد اها ڪميٽي ڪنھن به نتيجي تائين نه پهچي سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.