معمولي غفلت، سڄي عمر جي معذوري

تحرير:

پاڪستان ۾ ٻارن لاءِ پوليو اڃا تائين هڪ وڏو خطرو آهي. ٻارن جي بهتر صحت، محفوظ مستقبل، ۽ جسماني معذوري جي روڪ کي يقيني بڻائڻ ۾ والدين جو سرگرم ڪردار اڳ کان وڌيڪ اهم ٿي ويو آهي. اهڙي وقت ۾ جڏهن دنيا صحت جي شعبي ۾ تيزي سان ترقي ڪري رهي آهي، اسان کي به پنهنجين ذميوارين جو احساس ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجن ٻارن کي بيمارين کان بچائڻ لاءِ حفاظتي ٽيڪا ۽ پوليو ويڪسينيشن ڪرائڻ گهرجي.

هن سال جي شروعات کان وٺي، پاڪستان ۾ پوليو جا ڇهه ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جن مان چار سنڌ، هڪ پنجاب ۽ هڪ خيبر پختونخوا مان رپورٽ ٿيو آهي. اهي انگ اکر اسان کي قائل ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن ته وائرس اڃا تائين موجود آهي ۽ اسان جي ٿوري به لاپرواهي ٻارن لاءِ عمر بھر جي معذوري جو سبب بڻجي سگهي ٿي.

تازو ئي بلوچستان ۽ خيبر پختونخواه جي ٻن والدين پنهنجن ٻارن کي پوليو ۾ مبتلا ٿيڻ متعلق پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو آهي، انهن جون ڪهاڻيون تلخ حقيقت کي ظاهر ڪن ٿيون ته پوليو ويڪسين کان محروم رهڻ يا غفلت ڪرڻ ٻارن کي سڄي عمر لاءِ معذوري جو شڪار بڻائي سگهي ٿي.

چمن ضلعي جي پوليو متاثر زبير جي پيءُ نور شاهه چيو ته جڏهن به پوليو ٽيم اسان جي گهر ايندي هئي، اسان ٻين ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريندا هئاسين، پر اهي زبير کي ڪمزور سمجهي نه پياريندا هئاسين. اڄ هو سڄي عمر جي معذوري کي منهن ڏئي رهيو آهي. مان سڀني والدين کي گذارش ڪريان ٿو ته منهنجي تلخ تجربي مان سکن ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته هر پوليو مهم دوران انهن جي ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا وڃن.

مهمند ضلعي جي پوليو متاثر حسنا شاهه جي پيءُ برڪت شاهه چيو ته، ”ٻه مهينا اڳ اسان کي خبر پئي ته اسان جي ڌيءَ پنهنجن پيرن تي بيهڻ جي قابل ناهي.“ جڏهن مون ڊاڪٽر سان صلاح ڪئي ته خبر پئي ته هن کي پوليو وائرس ٿي چڪو آهي. هي خبر اسان لاءِ ناقابل يقين ۽ دل ٽوڙيندڙ هئي. مان سڀني والدين کي اپيل ڪريان ٿو ته اهي يقيني بڻائين ته هر پوليو مهم دوران پنهنجن ٻارن کي ويڪسين لڳرائين ته جيئن انهن کي اهڙي تڪليف کي منهن نه ڏيڻو پئي.

ٻارن کي هر هر پوليو جا ڦڙا پيارڻ سان انهن جي جسم ۾ قوت مدافعت پيدا ٿئي ٿي جيڪا نه رڳو انهن کي هن موتمار بيماري کان بچائي ٿي پر وائرس جي وڌيڪ پکڙجڻ کي به روڪي ٿي. نه رڳو اهو، پر ٻارن کي ٻين حفاظتي ٽڪن جي مڪمل ڪورس ذريعي گهربل تحفظ فراهم ڪري سگهجي ٿو جيڪي انهن کي ٻاهرين بيمارين کان بچائين ٿا. گذريل ڪجهه سالن ۾، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جهڙن علائقن ۾ والدين پوليو مهم ۾ سرگرم حصو ورتو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ نه رڳو اتي ڪو به پوليو ڪيس رپورٽ نه ٿيو آهي، پر ٻين وچڙندڙ بيمارين جي شرح ۾ پڻ گهٽتائي ڏٺي وئي آهي. هي واضح ثبوت آهي ته والدين جي سنجيدگي ۽ حڪومتي ڪارروائي سان بيمارين تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو.

ملڪ ۾ هر پوليو مخالف مهم دوران، چار لک کان وڌيڪ پوليو ورڪر، جن ۾ وڏي تعداد ۾ عورت پوليو ورڪر آهن، گهر گهر وڃي پنجن سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارينديون آهن. انهن جي محنت، قرباني ۽ لگن هن پروگرام جي ڪاميابي جو اصل بنياد آهن. والدين کي اپيل ڪئي وئي آهي ته اهي انهن پوليو ورڪرن لاءِ پنهنجا دروازا کولين، انهن سان عزت سان پيش اچن، ۽ يقيني بڻائين ته انهن جي ٻارن کي ويڪسين لڳل آهي. هي نه رڳو هڪ قومي فرض آهي پر ٻارن جي محفوظ مستقبل جي ضمانت پڻ آهي. جيتوڻيڪ ماحول مان پوليو جي وائرس جي چڪاس لاءِ جيڪي به نمونا ورتا ويا آهن انهن مان اها تصديق ٿي چڪي آهي ته پوليو جو وائرس اڃان تائين اسان جي ماحول ۾ موجود آهي، پر حوصلا افزائي وارو پهلو اهو آهي ته پوليو وائرس سان متاثر ٿيڻ جي باوجود گهڻن ٻارن کي سخت معذوري نه ڏٺي وئي آهي. ان جو مکيه سبب بار بار ويڪسينيشن ذريعي حاصل ڪيل قوت مدافعت آهي. بهرحال، هي بهتري اطمينان جو سبب نه هجڻ گهرجي. وائرس کي مڪمل طور تي روڪڻ لاءِ، سڀني والدين کي ويڪسينيشن مهم ۾ پنهنجي شرڪت کي يقيني بڻائڻ گهرجي.

پاڪستان جي حڪومت، وزيراعظم آفيس، نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر، ۽ ان جا عالمي ڀائيوار پوليو جي خاتمي لاءِ هڪ واضح حڪمت عملي تحت ڪم ڪري رهيا آهن، جنهن جو مقصد 2025 جي آخر تائين پاڪستان کي پوليو کان پاڪ ملڪ بڻائڻ آهي. هن مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ عوامي تعاون ضروري آهي.

پوليو کي شڪست ڏيڻ ممڪن آهي، پر ان لاءِ پوري قوم جي گڏيل ڪوشش جي ضرورت پوندي. جيڪڏهن والدين پنهنجو ڪردار ادا ڪن، هر گهر پنهنجا دروازا پوليو ٽيم لاءِ کولي ۽ هر ٻار کي وقت تي ويڪسين ڏني وڃي، ته اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن پاڪستان دنيا جي انهن ملڪن جي صف ۾ شامل ٿي ويندو جن پوليو کي مڪمل طور تي شڪست ڏني آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.