امتحانن ۾ فيل ٿيڻ، مقصدن مان فيل ٿيڻ ناهي!

شاگردن جو، امتحانن ۾ فيل ٿيڻ يا ڪنهن سبجيڪٽ ۾ خراب نمبر حاصل ڪرڻ جو مطلب هرگز اهو ناهي ته توهان ناقابل آهيو يا توهان ۾ ڪا خاص صلاحيت ناهي. ان جو مطلب صرف اهو آهي ته توهان کي ان مخصوص مضمون ۾ وڌيڪ محنت ۽ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. دنيا ۾ ڪيترائي ماڻهو آهن جنهن امتحانن ۾ فيل ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي محنت ۽ عزت نفس سان ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.مثال طور، جيڪڏهن توهان انگريزي ۾ فيل ٿي ويا آهيو، ته اهو ڪو نقصان ناهي، اهو هڪ موقعو آهي پاڻ کي بهتر بڻائڻ جو. جيڪڏهن توهان رياضيات ۾ ڳڻپن ۾ مشڪل محسوس ڪري رهيا آهيو، ته ان جو مطلب اهو ناهي ته توهان ان ۾ سٺا نه ٿي سگهو، بس توهان کي ان موضوع تي وڌيڪ وقت ڏيڻ ۽ وڌيڪ محنت ڪرڻ جي ضرورت آهي.ڪاميابي ڪنهن هڪ امتحان جي نمبرن تي دارومدار نٿي رکي، بلڪه اها توهان جي محنت، ايمان، ۽ وقت جي صحيح استعمال تي ٻڌل آهي. جڏهن توهان هر غلطي کان سکي رهيا آهيو ۽ پنهنجي ڪمزورين تي ڪم ڪري رهيا آهيو، ته توهان هڪ ڏينهن پنهنجي مقصد کي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندا. دنيا ۾ ڪيترائي مشورو ۽ ڪامياب ماڻهو آهن جنهن کي پنهنجي زندگي ۾ بار بار ناڪامي جو سامنو ڪيو، پر انهن نه صرف ان کي موقعو سمجهي محنت ڪئي، بلڪه ان کي پنهنجي ڪاميابي جو حصو بڻايو.ياد رکجو، امتحان ۾ فيل ٿيڻ صرف هڪ عارضي مرحلو آهي، اهو توهان جي حقيقي صلاحيتن ۽ قيمتن کي ناهي ظاهر ڪندو. توهان ۾ هر قسم جي ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي، بس ضروري آهي ته توهان پنهنجي محنت ۾ ايماندار رهو، پاڻ تي اعتماد رکجو، ۽ پنهنجي مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ثابت قدم رهي سگهو.

 صدام حسين عباسي/ ڪراچي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.