ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي فرنچائز ڪراچي ڪنگز جي نائب ڪپتان حسن علي چيو آهي ته بابر اعظم کي اسان ئي مٿي چاڙهيو ۽ هاڻ اسان ئي کيس هيٺ آڻينداسين.
ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ ڪراچي ڪنگز ۽ لاهور قلندرز جي ميچ کانپوءِ پريس ڪانفرنس دوران حسن علي ٻيهر بابر اعظم جي حمايت ڪندي چيو ته بابر اسان جو ئي پروڊڪٽ آهي ۽ اسان ئي سندس پويان پئجي ويا آهيون.
فاسٽ بالر چيو ته ”جيڪڏهن مون چيو ته ڪنگ رنسون ٺاهيندو، ميچون کٽرائيندو ته مان اڄ به ساڳي ڳالهه تي قائم آهيان، بابر پاڪستان جو بهترين رانديگر آهي ۽ هو جلد فارم ۾ واپس ايندو.“
سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪنهن کي بابر کي” ڪنگ“ ڪوٺڻ برو لڳو آهي ته مان معافي گهران ٿو.
هن چيو ته تنقيد جيڪڏهن اصلاحي هجي ته ڪو مسئلو ناهي، پر هتي ذاتي حملا ٿين ٿا، ڪرڪيٽرن جي فيملي به ڳالهين جو موضوع بڻجي ويندي آهي.
حسن علي وڌيڪ چيو ته ڪيئي موقعن تي رانديگر ميدان ۾ هوندا آهن ۽ تماشائي پويان گاريون ڏيندا آهن، جيڪو ڏکوئيندڙ رويو آهي، تازو نيوزيلينڊ جي دوري دوران خوشدل شاهه سان به اهڙو ئي واقعو پيش آيو.
لاهور قلندرز خلاف ميچ ۾ شڪست بابت ڳالهائيندي حسن علي چيو ته ”اسان بيٽنگ ۾ غلطيون ڪيون، ڀائيواري قائم نه ڪري سگهياسين، پر غلطيون سمجهي ايندڙ ميچن ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکارينداسين.“