آسڪر ايوارڊ کٽيندڙ هالي ووڊ اداڪارا انڊسٽريءَ کي الوداع چئي ڇڏيو

لاس اينجلس (ويب ڊيسڪ) جڳ مشهور هالي ووڊ اداڪارا ڪيٽ بلانچيٽ چيو آهي ته هوءَ هاڻي پنهنجي زندگيءَ ۾ ٻين شين لاءِ اداڪاري ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
هڪ انٽرويو دوران هن چيو ته ” مان پاڻ کي ”اداڪارا“ چوڻ کان ڪيٻائي ٿي ڇو ته هاڻي اداڪاري کي الوداع چوڻ جو فيصلو ڪيو آهي“
هن چيو ته ” جڏهن به مان اِها ڳالهه ڪري ٿي ته گهر وارا اکيون ڦيرائي ڇڏين ٿا، پر مان اداڪاري ڇڏڻ لاءِ سنجيده آهيان، ڇو ته زندگيءَ ۾ ٻيون به کوڙ شيون آهن جيڪي ڪرڻ چاهيان ٿي. “
ڪيٽ بلانچيٽ جي آخري فلم ”بليگ بيگ“ جيڪا مارچ 2025 ۾ رليز ٿي چُڪي آهي، جڏهن ته هوءَ هڪ ٻي فلم ”فادر، مدر، سسٽر، برادر“ جي شوٽنگ به مڪمل ڪري چُڪي آهي، جيڪا پڻ هلندڙ سال سئنما گهرن ۾ پيش ڪئي ويندي.
هن چيو ته جيتوڻيڪ هوءَ ڪيترين فلمن ۾ ڪم ڪري رهي آهي، پر اڃا تائين پاڻ کي مطمئن محسوس نه پئي ڪري.
سندس چوڻ هو ته کيس لڳي ٿو ته شيون کيس گهيري ويون آهن ۽ هوءَ سمجهي نٿي سگهي ته ڇا هوءَ واقعي هن ماحول جو حصو آهي يا نه؟
هن چيو ته هوءَ ٻين ماڻهن کي وڌيڪ دلچسپ سمجهي ٿي، جڏهن ته پاڻ کي ڪڏهن ڪڏهن بيڪار محسوس ڪندي آهي.
سندس چوڻ هو ته پاڻ کان وڌيڪ کيس ٻيو ڪير به بيزار ڪندڙ ناهي لڳندو.
ياد رهي ته ڪيٽ بلانچيٽ 2005 ۾ فلم ”دي اييويئٽر“ تي بهترين ساٿي اداڪارا ۽ 2014 ۾ فلم ”بلو جيسمن“ تي بهترين اداڪارا جو آسڪر اوارڊ ماڻي چُڪي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.