لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف چيو آهي ته هڪ سال اندر پاڪستان جون حالتون تبديل ٿي ويون آهن، ملڪ جي ڪنھن به ڪنڊ مان ڊيفالٽ جو آواز نه پيو اچي.
مريمنواز شريف پنجاب جي ماحولياتي تحفظ فورس جي پاسنگ آئوٽ پريڊ جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ مهانگائي گهٽي آهي ۽ پرڏيهي ناڻي رڪارڊ واڌ آئي آهي، چار سال هڪ پارٽي حڪومت ڪئي ۽ رڳو پنهنجا ڀڀ ڀريندا رهيا، جڏهن ته اسان در تي وڃي ماڻهن کي ڏھه- ڏهه رپين جا چيڪ ڏنا.
هن چيو ته ماضي ۾ ڪنهن به پرواهه نه هئي، جيڪو حال ماحوليات کاتي جو هو، اهڙو ئي حشر پوري پنجاب جو هو، ماحولياتي تحفظ فورس ماحولي خطرن سان منهن ڏيڻ ۾ هڪ اهم قدم ثابت ٿيندي ۽ پنجاب کي صاف، سبز ۽ محفوظ بڻائڻ واري حڪومتي عزم جي عملي تصوير آهي.
پي ٽي آءِ وارا پنهنجا ڀڀ ڀريندا رهيا، اسان ماڻهن جي درن تي وڃي10-10 هزار جا چيڪ ڏنا: مريم نواز
You might also like