اين اي 213 عمرڪوٽ تي سڀاڻي ننڍي چونڊ، 91 پولنگ اسٽيشنون حساس قرار، سيڪيورٽي الرٽ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبليءَ جي تڪ اين اي 213 عمرڪوٽ تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ جي حوالي سان صوبائي اليڪشن ڪمشنر 91 پولنگ اسٽيشنون انتهائي حساس قرار ڏئي ڇڏيون.
صوبائي اليڪشن ڪمشنر جي ترجمان موجب، عمرڪوٽ واري تڪ اين اي 213 ۾ ننڍي اليڪشن سڀاڻي ٿيندي، جتي ووٽرن جي مجموعي انگ 6 لک 8 هزار 957 آهي، جن مان 3 لک 21 هزار 686 مرد ۽ 2 لک 87 هزار 311 عورتون رجسٽرڊ ووٽر آهن.
ترجمان موجب، تڪ ۾ ڪُل 498 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن، جن مان 302 گڏيل، 98 مردن لاءِ مخصوص ۽ 98 عورتن لاءِ مخصوص آهن، جڏهن ته 91 پولنگ اسٽيشنون انتهائي حساس، 269 کي حساس ۽ 169 کي نارمل قرار ڏنيون ويون آهن.
ترجمان جو چوڻ آهي ته چونڊ لاءِ ضروري سامان پهچائڻ جو عمل اڄ شام تائين مڪمل ڪيو ويندو، ننڍي چونڊ ۾ گڏيل طور طور تي 18 اميدوار حصو وٺي رهيا آهن، جن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي صبا ٽالپر، آزاد اميدوار لالچند مالهي ۽ ٽي ايل پي جو عمر جان سرهندي پڻ شامل آهي.
صوبائي اليڪشن ڪمشنر لاڳاپيل ادارن کي چونڊون شفاف، منصفاڻي ۽ پرامن طريقي سان ڪرائڻ لاءِ ضروري هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن، جڏهن ته پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
صوبائي اليڪشن ڪمشنر هن خبردار ڪيو ته اليڪشن ڪميشن ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪندو.
واضح رهي ته هي سيٽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي قومي اسيمبلي جي ميمبر نواب يوسف ٽالپر جي لاڏاڻي کان پوءِ خالي ٿي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.