اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي سينيئر اڳواڻ ۽ سينيٽر پلوشا خان جو پيءُ لاڏاڻو ڪري ويو، جنهن جي وفات تي سياسي ۽ سماجي ڌرين طرفان گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ويو آهي.
مرحوم جي جنازي نماز اڄ اربع 16 اپريل 2025 تي چارسده ۾ ادا ڪئي ويندي، جنهن ۾ عزيزن، سياسي شخصيتن، دوستن ۽ شهرين جي وڏي انگ ۾ شرڪت جو امڪان آهي.
پيپلز پارٽيءَ جي قيادت، پارليامينٽ ميمبرن ۽ ٻين اڳواڻن سينيٽر پلوشا خان سان سندن والد جي وفات تي تعزيت جو اظهار ڪندي مرحوم جي مغفرت ۽ بلندين لاءِ دعا ڪئي آهي.
You might also like