پيپلز پارٽيءَ کي شڪست ڏيڻ سڀني جماعتن جي اتحاد جو خواب آهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته عمرڪوٽ جي ننڍي چونڊ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو مقابلو سڀني سياسي جماعتن جي اتحاد سان آهي.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته پي ٽي آءِ اميدوار جي حمايت ۾ جي ڊي اي، مسلم ليگ (ن)، جي يو آءِ (ف)، هڙئي مذهبي ڌريون ۽ قوم پرست پارٽيون گڏ ٿي ويون آهن.
هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي شڪست ڏيڻ سڀني جماعتن جي اتحاد جو خواب آهي، انشاءَ الله، پاڪستان پيپلز پارٽي الله جي فضل ۽ ڪرم سان ڪاميابي ماڻيندي.
واضح رهي ته قومي اسمبليءَ جي تڪ اين اي 213 عمرڪوٽ ۾ ننڍي چونڊ 17 اپريل تي ٿي رهي آهي، جنهن ڪري ضلعي ۾ عام موڪل جو اعلان پڻ ڪيو ويو آهي.
2024 جي عام چونڊن ۾ نواب يوسف تالپور هن تڪ مان قومي اسمبلي جو رڪن چونڊيو ويو جڏهن ته هلندڙ سال فيبروري سندس لاڏاڻي کانپوءِ اِها سيٽ خالي ٿي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.