چين آءِ ايم ايف پروگرام سميت هر موقعي تي پاڪستان جو ساٿ ڏنو: شهباز شريف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته چين هر موقعي تي پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي.
زرعي اسڪالرشپ پروگرام جي تقريب ۾ خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته چين پاڪستان جي زرعي گريجوئيٽس کي اعليٰ تعليم لاءِ موقعا فراهم ڪيا آهن، جن مان پاڪستاني شاگردن کي لاڀ حاصل ٿيندو.
وزيراعظم چيو ته پاڪستان جا زرعي گريجوئيٽس چين ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن ۽ سندن تجربا پاڪستان لاءِ فائديمند ثابت ٿيندا.
هن چيني حڪومت جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته پاڪستاني شاگرد چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ هڪ پل جو ڪردار ادا ڪندا.
شهباز شريف پنهنجي چين جي دوري دوران زرعي يونيورسٽي ۾ ٿيندڙ تحقيق کي ساراهيو ۽ چيو ته پاڪستان جي ترقيءَ ۾ نوجوانن جو اهم ڪردار آهي.
وزيراعظم وڌيڪ ٻڌايو ته اسڪالرشپ پروگرام تحت زرعي گريجوئيٽس جي چونڊ ميرٽ تي ڪئي وئي آهي ۽ گريجوئيٽس جي چونڊ آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ چئني صوبن مان ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ بلوچستان جو ڪوٽا 10 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي.
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته چين هر موقعي تي پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي، جنهن ۾ آءِ ايم ايف پروگرام به شامل آهي، آءِ ايم ايف پروگرام جي سلسلي ۾ چين جو ڪردار مثالي هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.