سون يڪدم هزارين رپيا مهانگو، اگهه تاريخي بلندي تي پهچي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جو اگهه ۾ لڳاتار ٻئي ڏينهن واڌ کانپوءِ تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون 8600 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 3 لک 48 هزار رپين جو ٿي ويو آهي.
اهڙي طرح ڏهه گرام سون 7373 رپيا واڌ سان 2 لک 98 هزار 353 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ به سون جي اگهه ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي جتي في اونس سون 46 ڊالر مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 3 هزر 3 سئو 10 ڊالرز ۾ وڪامي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.