صادق آباد (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي ضلعي صادق آباد ۾ مقامي عدالت پوليس ڪسٽڊي دوران قيدي جي موت واري ڪيس ۾ سب انسپيڪٽر کي 25 سال عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
صادق آباد جي ايڊيشنل سيشن جج اقتدار علي خان طرفان ڏنل فيصلي موجب، رحيم يار خان ضلعي جي ڪوٽ سبزل ٿاڻي جي اهلڪارن مٿان الزام هو ته حراست دوران هڪ جوابدار کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ هو فوت ٿي ويو.
واضح رهي ته سب انسپيڪٽر اسلم ۽ ٻين اهلڪارن خلاف قيدي جي ڪسٽڊي ۾ فوت ٿيڻ واري واقعي تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو.
عدالتي فيصلي کانپوءِ سب انسپيڪٽر کي ڊسٽرڪٽ جيل منتقل ڪيو ويو آهي.
You might also like