صحافي اي ڊي شر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ٺري ميرواهه ۾ هڙتال، هزارين ماڻهن جي ريلي

ٺري ميرواهه(رپورٽ: ايم صالح بلوچ ) ٺري ميرواهه جي صحافي اي ڊي شر جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ھزارين شهري ڪاروبار بند ڪري روڊن تي نڪري آيا، سول سوسائٽي، وڪيل برادري، شھرين صحافي جي اباڻي ڳوٺ کان ريلي ڪڍي جيڪا ھنڊياري شھر کان ٿيندي ٺري ميرواھ پهتي، جتي ميرواھ ٿاڻي جو گهيراءُ ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن ايڊووڪيٽ شاڪر نواز شير، بشير شير، علي اڪبر شير، نويد کهڙو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته پنج ڏينهن گذرڻ باوجود ٺري ميرواهه پوليس مکيه جوابدار کي گرفتار ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي، شهيد اي ڊي شر هڪ بهادر ۽ بي خوف صحافي هو جنهن هميشه قلم جي نوڪ سان مظلوم ماڻهن جي آواز کي اعليٰ ايوانن تائين پهچايو، پوليس جي نااهلي جي ڪري، مکيه جوابدار کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ نه آڻي سگهي آھي، هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي خيرپور کان گهر ڪئي ته شهيد اي ڊي شر جي مکيه جوابدار کي گرفتار ڪري سندس وارثن سان انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.