پشاور(م ڊ) عوامي نيشنل پارٽي (اي اين پي) خيبرپختونخوا مائنز اينڊ منرلز ايڪٽ 2025 کي مڪمل طور تي رد ڪندي احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو آهي. رپورٽ مطابق خيبرپختونخوا اسمبلي ۾تجويز ڪيل "مائنز اينڊ منرلز ايڪٽ 2025” بابت عوامي نيشنل پارٽي جي خاص ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس کان پوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي اي اين پي جي صدر ايمل ولي خان چيو ته مائنز اينڊ منرلز ايڪٽ کي مڪمل طور رد ڪيون ٿا، هن بل خلاف عوامي نيشنل پارٽي ڀرپور احتجاجي تحريڪ هلائيندي. هن چيو ته اسان جي جدوجهد هاڻي صرف مائنز اينڊ منرلز ايڪٽ تائين محدود نه رهندي، هي ايڪٽ اسان جي تحريڪ کي وڌيڪ تيز ڪندو، اسان جي جدوجهد ارڙهين آئيني ترميم تي مڪمل عمل درآمد تائين جاري رهندي. ايمل ولي خان چيو ته مائنز اينڊ منرلز ايڪٽ ڏينهن جي روشني ۾ قوم جي حق تي ڌاڙو آهي. هن ايڪٽ ذريعي ۽ ايس آءِ ايف سي جي ذريعي وسيلا فوج حوالي ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته اي اين پي وفاقي ادارن ايس آءِ ايف سي ۽ فيڊرل منرلز ونگ کي رد ڪري ٿي، جيڪڏهن ايڪٽ واپس نه ورتو ويو ته اي اين پي ان خلاف اعلان جنگ ڪندي.اسان گڏ هلي سگهون ٿا پر شرط اهو هوندو ته قوم کي وسيلن تي حق ۽ اختيار ڏنو وڃي. هن چيو ته 12 آگسٽ 1948 کان اڄ تائين اسان رياست جي هر جبر ۽ دهشتگردي جو مقابلو ڪيو آهي، هر ظلم ۽ غير جمهوري قدم جي باوجود اسان جمهوريت ۽ آئين جو رستو نه ڇڏيو.ايمل ولي خان چيو ته هن وقتي ايڪٽ مان واضح ٿي وڃي ٿو ته ڇو اي اين پي تي خودڪش حملا ٿيندا هئا، ايڪٽ مان خبر پوي ٿي ته 2013، 2018 ۽ 2024 جي چونڊن ۾ اسان جي واٽ ڇو روڪي وئي. هن چيو ته خيبرپختونخوا ۾ جتي جتي قدرتي وسيلا آهن، اتي سيڪيورٽي جا مسئلا آهن، 900 ڪلوميٽرن جو چلغوزي جو باغ موجود آهي، چوڪيدار ملڪ جي چوڪيداري بدران ان باغ جي چوڪيداري ڪري رهيا آهن. هن چيو ته باهه ڏئي مقامي آبادي کي اتان ڪڍي قدرتي وسيلن تي قبضو ڪرڻ انهن جو پراڻو طريقو آهي، جلد هن ايڪٽ بابت آل پارٽيز ڪانفرنس سڏائي ويندي. هن چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ به حقن بابت ساڳي طريقي سان تحريڪ هلائي ويندي، جيڪڏهن ان باوجود به مطالبن کي سنجيدگي سان نه ورتو ويو ته آڪٽوبر ۾ اسلام آباد جو رخ ڪنداسين، "يا اسان کي حق ڏيو، يا آزادي ڏيو” اسان جي تحريڪ جو بنيادي نعرو هوندو. اي اين پي صدر چيو ته ملڪ خاطر اسين ڪيترين ڳالهين کي وساري قربانيون ڏئي چڪا آهيون، پر جيڪڏهن اهو ئي پاڪستان اسان جي ٻار جو گرهه کسي ٿو ته ان سان بغاوت اسان لاءِ بهتر آهي.