مستونگ (م ڊ) لڪ پاس وٽ بي اين پي جي اي پي سي کي خطاب ڪندي بي اين پي سربراهه اختر مينگل چيو آهي ته ڊي سي جي صحيح سان جيڪو ايم پي او جاري ٿيندو آهي ان جو مدو مهيني جو هوندو آهي پر 24 مارچ تي ماهه رنگ جي ڀيڻ پٽيشن داخل ڪئي ايم پي او خلاف، 10 اپريل تي ان جي پهرين ۽ آخري ٻڌڻي ٿئي ٿي، سندن وڪيلن کان قسم نامو ورتو وڃي ٿو ته هو صحيح ڪنته آرٽيڪل 5 تحت هو رياست جي مخالفت نه ڪندا. فيصلو محفوظ ڪيل آهي جيڪو طاقتور ڌرين وٽ آهي. پهريان اهو ڏسڻو پوندو ته پاڪستان آهي ڇا، رڳو سائو جهنڊو پاڪستان آهي؟ رياست 74 سالن جا ڇا رياست جو ڪردار ادا ڪيو؟ اسان کي 1947 کان دهشتگرد، غدار، ايجنٽ چيو وڃي ٿو ۽ ڪيس هلايا وڃن ٿا. ڪهڙي پاڪستان ٽوڙيندڙ کي 3 ايم پي او تحت 2 ڏينهن بند ڪيو ويو آهي ان جو نالو ٻڌايو. ٽريفڪ قانون ٽوڙڻ تي به سزا ٿيندي آهي، ملڪ جو آئين ڪيترن جنرلن ٽوڙيو؟ بدقسمتي رهي آهي ته ايوب خان کي آڻيندڙ سڪندر مرزا هو ۽ ان جو تختو ڪيرائيندڙ به سڪندر مرزا هو، جنرل ضيا کي آڻيندڙ ذوالفقار علي ڀٽو هو، کيس ڦاهي چاڙهيندڙ به جنرل ضيا هو. نواز شريف جنرل مشرف کي آندو، پر هن ئي کيس اقتدار مان فارغ ڪري کيس سزا ڏني. باجوا کي آڻيندڙ عمران خان هو ۽ ان کي به اقتدار تان باجوا هٽايو. شهباز شريف جنهن کي آندو آهي، هاڻي ان جو خدا حافظ آهي. اسان جي اهميت ان وقت آهي جڏهن اسان وٽ وڌيڪ سيٽون هجن، وزيراعظم اسان کي غار ۾ به ڳولي لهي ها. اڄ پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي جو اجلاس گهرايو آهي جنهن ۾ غور ڪيو ويندو، ۽ اڳتي جي حڪمت عملي طئي ڪئي ويندي. اسان کي اهو ڪرڻو آهي ته ڪو جرنل، ڪرنل، برگيڊيئر جي فيصلن جي ماتحت اسان نه هجون، ڀلي کڻي حافظ قرآن ڇو نه هجي. اي پي سي کي خطاب ڪندي پي ٽي ايم اڳواڻ نور بادشاهه خان چيو ته اسان سڀ هتي غلام آهيون، وسيلن جي ڳالهه ڪجي يا مسئلن جو سبب به اهو آهي ته اسان هتي محڪوم آهيون، اسان وٽ ڪو اختيار ناهي. 75 سالن کان دشمن اسلام جي نالي تي ۽ منافقت سان قابض ٿي ويو، ماڻهن سوال ڪيو ته اسلام ۾ ته اهو ناهي ته اوهان وسيلا ڦري پنهنجي صوبي کي آباد ڪريو، اسان ڏينهون ڏينهن محڪوم ٿي رهيا آهيون، ٻيو دوکو اهو ڏنو ويو ته شاگردن جي ذهن ۾ اهو وڌو ويو ته اس پرچم ڪي سائي تلي هم ايڪ هين، شعوري طور تي چوان ٿو ته پاڪستان ۾ سڀ کان وڏو ڪوڙ اهو ئي ٻڌايو ويو. هزارين پشتون، بلوچ نوجوانن، سياسي اڳواڻن کي هن جهنڊي هيٺ قتل ڪيو ويو، ڪيئن مڃجي ته اسان جهنڊي هيٺ سڀ هڪ آهيون؟ اسان ته 75 سالن کا رڳو جنازا کنيا آهن، اوهان 75 سالن کان پنجاب کي جنت بڻائي رهيا آهيو، منصوبا ٺاهي رهيا آهيو، جرنيلن هتي پشتونن ۽ بلوچن جي رت چوسي ٻاهرين ملڪن ۾ ٻيٽ خريد ڪيا ۽ ملڪيتون ٺاهيون. هن چيو ته ماهه رنگ بلوچ ڪنهن کي قتل ڪيو آهي، هو ته جمهوري مطالبو ڪري رهي آهي؟ اوهان چئو ته ڳالهيون ڪرڻ چاهيون ٿا ۽ جيڪي ڳالهيون ڪرڻ وارا آهن اوهان انهن کي روڊن تي گهليو ٿا. اسان مزاحمت تي يقين رکون ٿا، سڀ روڊ بند ڪرڻا پوندا، ايس آءِ ايف سي تحت بل آندو پيو وڃي، قومي وسيلا حاصل ڪرڻ تائين نه اليڪشن وڙهنداسين نه گهر وينداسين، مزاحمت ڪنداسين،بي اين پي عوامي جي اسرار زهري چيو ته بلوچستان جي ساحل وسيلن جي حفاظت ڪنداسين،اي اين پي جي اصغر اچڪزئي چيو ته اڄ نيپ ۽ جي يو آءِ جهڙو اتحاد هجي ها ته اسان هڪ هڪ ڪري نه ماريا وڃون ها،بلوچن ۽ پشتونن کي سندن وسيلن جي ڪري ماريو پيو وڃي،حامد مير جي رپورٽ آهي ته رڳو اتر وزيرستان ۾ 600 ٽريلين جا معدني ذخيرا آهن،انهن کي ڦرڻ لاءِ اهي ڪريل حرڪتن تي لهي آيا آهن، مائنز اينڊ منرل ايڪٽ بعد 18 هين ترميم کي رول بيڪ ڪيو پيو وڃي،جماعت اسلامي جي عبدالمتين چيو ته هن وقت عسڪريت ۽ جمهوريت ۾ جنگ آهي،ان ۾ اسان جو به ڏوهه آهي،وڪيٽ جي ٻنهي پاسي کيڏڻ سبب اهي وسيلن تي قابض پيا ٿين،اختر مينگل کي ڪوئيٽا وڃڻ جي به اجازت ناهي،جي يو آءِ جي مرڪزي اڳواڻ مولانا عبدالغفور حيدري خطاب ڪندي چيو ته بلوچستان ۽ ڪي پي جي صورتحال بنگلاديش کان گهٽ ناهي،اها اسان جي شرافت آهي جو اسان اڃا به پاڪستان جو نالو کڻون ٿا، ماهه رنگ جا لاپتا ماڻهن جي بازيابي بابت مطالبا غلط ناهن،بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي گرفتار ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي،اڳوڻي سينيٽر اسماعيل بليدي چيو ته ادارا اسان کي رڍ ٻڪرين وانگر سمجهن ٿا،چونڊن جي عمل ۾ اسٽيبلشمينٽ جي مداخلت ختم ڪئي وڃي،ايم ڊبليو ايم جي حسنين حسين فرئي چيو ته بلوچستان ۾ مينڊيٽ رکندڙن کي ڪنڊائتو ڪيو ويو آهي،ڪوئيٽا ۾ مڙهيل نمائندا هتان جا ناهن،بي اين پي اڳواڻ ثنا بلوچ چيو ته ڊاڪٽر ماهه رنگ سميت ڪيترائي اڳواڻ ايم پي او تحت گرفتار ڪيا ويا آهن، جبري گمشدگيون بلوچستان جو اهم مسئلو آهي،بلوچستان ۾ 82 قسم جا منرلز آهن،صوبن کي وسيلن تي حق ڏنو وڃي،ڪو به وڏو وزير هن وقت ايس آءِ ايف سي جي فيصلن جي مخالفت نه پيو ڪري سگهي،پي ٽي آءِ جي دائود شاهه ڪاڪڙ چيو ته بلوچ قوم جون مائرون ڀينرون جيلن ۾ آهن،اهي اسان سڀني جون مائرون ڀينرون آهن،فارم 47 حڪومت يا ڪينٽ ۾ ويٺل برگيڊيئر ۽ ڪرنل جي ڪري اهي مسئلا آهن،نيشنل پارٽي جي ڪمال بنگلزئي چيو ته هتي عوام ڪا به معني نٿو رکي،هي اليڪشن پاڪستان جي تاريخ جي بدترين اليڪشن هئي